ڪراچي(ويب ڊيسڪ)طبي ۽ ڏندن جي ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان اڄ سڄي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي.
ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان ملڪ جي 34 شهرن ۽ هڪ پرڏيهي مرڪز رياض ۾ قائم امتحاني مرڪزن تي ورتو پيو وڃي، جنهن ۾ مجموعي طور هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ اميدوار شرڪت ڪندا.
پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل موجب امتحان لاءِ هر صوبي لاءِ الڳ سوالنامو تيار ڪيو ويو آهي. امتحان ۾ نوجوان ڪارڊ رکڻ جي لازمي شرط ختم ڪئي وئي آهي ۽ ڪارڊ نه رکندڙ اميدوار پڻ ايم ڊي ڪيٽ ۾ شرڪت ڪري سگهندا.
ٻئي پاسي ايس ٽي ايس سماجي رابطن واري ميڊيا تي ايم ڊي ڪيٽ جو مبينا سوالنامو جاري ٿيڻ وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي اميدوارن کي جعلي سوالنامن ۽ گمراهه ڪندڙ مواد تي ڀروسو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.