عمران خان جو جيل ۾ طبي معائنو، مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون!

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو طبي معائنو ڪيو ويو.

جيل ذريعن موجب اڊيالا جيل پهتل خاص طبي ٽيم عمران خان جو طبي معائنو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس رواني ٿي وئي.

جيل ذريعن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي باني جو رت جو دٻاءُ، رت ۾ چرٻي جي مقدار ۽ اکين سميت مڪمل طبي معائنو ڪيو ويو. طبي ٽيم جي اڳواڻي پمز اسپتال جي ڊاڪٽر عارف خان ڪئي.

جيل ذريعن موجب طبي ٽيم کي اڊيالا جيل جي اسپتال جي طبي عملي جي پڻ سهڪار حاصل هو.

واضح رهي ته ان کان اڳ به پمز اسپتال جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو طبي معائنو ڪري چڪي آهي.

You might also like