لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عليمه خان کي ٽن ايم پي او تحت حراست ۾ ورتو ويو آهي.
پارٽي ذريعن موجب عليمه خان اپر مال واري علائقي ۾ پنهنجي گهر کان جم وڃڻ لاءِ نڪتي هئي ته کيس حراست ۾ ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عليمه خان کي لٽن روڊ پوليس حراست ۾ ورتو ۽ سندس گاڏي ٿاڻي ۾ بيهاري وئي آهي.
پي ٽي آءِ ذريعن موجب عليمه خان کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته نورين نيازي فون تي عليمه خان جي گرفتاري بابت آگاهه ڪيو. اسان هميشه واضح ڪيو آهي ته اسان جو مارچ پرامن ۽ سياسي هوندو. اسان جو مقصد پنهنجن آئيني ۽ سياسي مطالبن لاءِ پرامن جدوجهد ڪرڻ آهي.
بئرسٽر گوهر چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ يا تشدد نٿا چاهيون. عليمه خان کي گرفتار ڪرڻ يا نظربند رکڻ تشدد ۽ ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ برابر آهي. اسان عليمه خان جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪريون ٿا. حالتون خراب ڪرڻ لاءِ اهو پهريون قدم آهي. اهي سمورا قدم فوري طور بند ڪيا وڃن ۽ عليمه خان کي ترت آزاد ڪيو وڃي. اهڙن قدمن خلاف پارٽي جلد پنهنجو حڪمت عملي جو اعلان ڪندي.
واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي.