ڪنهن پرتشدد ٽولي کي اسلام اچڻ کان روڪڻ اسانجي ذميواري آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته اسان جي ذميواري آهي ته ڪو به تشدد ڪندڙ ٽولو اسلام آباد نه اچي. اسلام آباد جي رستن جي بندش ۽ عوام جي اچ وڃ ۾ خلل بابت عدالت جا واضح حڪم موجود آهن، انتظاميا يقيني بڻائيندي ته ڪنهن به قسم جو خلل نه پوي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ چيو ته رستن جي بندش ۽ عوام جي اچ وڃ ۾ خلل بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا واضح حڪم موجود آهن. جماعت اسلامي سان اسان جو رابطو آهي، اهي پرامن ۽ سمجهدار ماڻهو آهن، قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي.

وفاقي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي ٻارڻ رليف رٿا ۾ هن وقت تائين 22 لک ماڻهو رجسٽر ٿي چڪا آهن. رجسٽريشن لاءِ موٽرسائيڪل جو مالڪ هجڻ ضروري ناهي، جڏهن ته موٽرسائيڪل لاءِ 5 لٽر واري شرط به ختم ڪئي وئي آهي. اها سهولت سڀني پيٽرول پمپن تي موجود آهي.

هن چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي. وزيراعظم غريب طبقي جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل کاتن کي وقت سر هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم عوام جي ڀلائي ۽ بهبود جو خاص خيال رکي ٿو. پهرين جنوري 2006ع کان پوءِ رجسٽر ٿيل سموريون موٽرسائيڪلون، رڪشا ۽ چنگچي رڪشا هن رٿا ۾ رجسٽريشن لاءِ اهل آهن.

You might also like