وزيراعظم منهنجي ڳالهه نه ٿو ٻُڌي، وڏا وزير 18هين ترميم جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن: سيڙپڪاري وارو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته وزيراعظم کي چئي رهيو آهيان ته منهنجون ڳالهيون ٻڌو، پر هو تمام گهڻو مصروف آهي، وڏا وزير 18هين ترميم جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، پنجاب ۾ به اُهو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، پر ملڪي سياست ۾ هن شهر کي اهو مقام حاصل ناهي، جيڪو هئڻ گهرجي، ڪراچي کي سياسي مقام ملڻ گهرجي.
قيصر احمد شيخ چيو ته دنيا برآمدات ذريعي ترقي ڪئي آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل بهترين سفارتڪاري ڪري رهيا آهن، هاڻي ان کان اڳتي ملڪ جون برآمدات وڌائڻ جي ذميواري نجي شعبي تي آهي.
هن چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ضابطن ۾ گهٽتائي آڻڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ وڙهنديون رهنديون ته حالتون تبديل نه ٿينديون، هر سياسي پارٽي وٽ بيوروڪريٽن جو پنهنجو گروپ آهي.
وفاقي وزير چيو ته هو وزيراعظم کي مسلسل چئي رهيو آهي ته سندس ڳالهيون ٻڌي، پر وزيراعظم ڏاڍو مصروف آهي، اميد آهي ته جلد ساڻس ملاقات ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي ۽ وڏا وزير 18هين ترميم جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي.

You might also like