منهنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ فلمون نٿيون ٺهن، ٻوليون سکڻ ۽ سٺيون ڪهاڻيون پڙهڻ پسند آهي: رشميڪا مندانا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) تيلگو ۽ هندي فلمن جي مشهور اداڪارا رشمڪا مندانا چيو آهي ته مختلف ٻولين ۾ فلمون ڪرڻ ڪڏهن به ڪو باظابطا منصوبو نه هو، پر اهو سفر وقت سان گڏ پاڻمرادو اڳتي وڌندو ويو.
ڪرناٽڪ جي ڪوڊاگو ضلعي سان تعلق رکندڙ اداڪارا سئنيما ۾ مختلف ٻولين ذريعي پنهنجي فطري ۽ غير منصوبابندي واري سفر بابت ڳالهائيندي چيو ته هوءَ تيلگو ۽ هندي کانسواءِ ڪنڙا ۽ تامل فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.
رشمڪا چيو ته ”مان هڪ ڪوڊاوا آهيان ۽ ڪوڊاوا ٽڪ ٻولي ڳالهائيندي آهيان، پر اسان جي مادري ٻولي جي ڪا فلم انڊسٽري موجود ناهي، ان ڪري منهنجي ڪيريئر ۾ ٻولي ڪڏهن به رنڊڪ نه بڻي. مان سڀني ٻولين کي پنهنجي ئي ٻولي سمجهندي آهيان.“
هن چيو ته سندس مداح، جن کي هوءَ پنهنجو خاندان سمجهي ٿي، سڀ کان پهريان کيس اهو مشورو ڏيندا هئا ته ”توهان کي تيلگو فلم ڇو نه ڪرڻ گهرجي؟“ ساڳيو معاملو هندي ٻولي سان به ٿيو ۽ اهڙيءَ ريت سندس فلمي سفر جو دائرو وڌندو ويو.
پنهنجي لهجي بابت ٿيندڙ ردعمل تي رشمڪا چيو ته جيستائين هوءَ ڪنهن مخصوص ٻولي ۾ پڇيل سوال جو ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏئي سگهي ٿي، ان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي، سندس خيال ۾ دنيا جي مختلف حصن سان تعلق رکندڙ ناظرين جو احترام ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي.
رشمڪا چيو ته فلمن بابت پنهنجي لهجي تي ٿيندڙ غير ضروري ڳالهين تي هوءَ گهڻو ڌيان نٿي ڏئي، پر پنهنجي اداڪاري ۽ ڪردار تي ڌيان ڏئي ٿي.
هن چي ته ” اداڪارا طور منهنجو ڪم آهي ته مان سيٽ تي سٺيون ڪهاڻيون ٻڌايان ۽ پوءِ پنهنجي گهر واپس هلي وڃان.“
هن چيو ته هر فلم سان کيس يقين هوندو آهي ته سڀ ماڻهو پنهنجي بهترين صلاحيتون استعمال ڪري ڪجهه جادوئي تخليق ڪرڻ لاءِ موجود آهن.
”مان رڳو پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندي آهيان ۽ بهترين اداڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان.“
رشمڪا موجب، فلم جو حتمي نتيجو ان سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن جي گڏيل محنت ۽ توانائين جو نتيجو هوندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ”مان ڪنهن جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ پسند نٿي ڪريان، بس پنهنجي طرفان بهترين ڪارڪردگي ڏيڻ تي ڌيان ڏيندي آهيان.“

You might also like