”لاشن جي سياست مان جنم وٺندڙ سنڌ جي ورهاڱي جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين“ سعديه جاويد جو مصطفيٰ ڪمال کي جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته سياسي مصلحتن تحت چهرو بدلائيندڙ سنڌ جي ورهاڱي جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين.
مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعديه جاويد چيو ته لاشن جي سياست مان جنم وٺندڙ اڄ صوبائي خودمختياري تي راتاهو هڻڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو ماضي شاهد آهي ته هنن رڳو نفرتون پوکيون، هاڻي نئون روپ ڌاري سنڌين ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ وڙهائي نٿا سگهن.
سعديه جاويد وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ ڪنهن به ضمير فروش جي نفرت جوڳي سياست کي ڪر کڻڻ نه ڏبو، جڏهن ته وفاق ۽ صوبي وچ ۾ وڇوٽو پيدا ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

You might also like