ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن وڏي واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 100 رپيا سهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 60 هزار 236 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙيءَ ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 85 رپين جي گهٽتائي سان 3 لک 94 هزار 578 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون اگهه هڪ ڊالر لاٿ کانپوءِ 4 هزار 377 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه 6900 رپين جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
You might also like