پاڻيءَ ۾ کير ۽ 27 سيپٽمبر وارو احتجاج

رفيق پٽيل

پاڪستان جو گهرو وزير محسن نقوي، جنهن بابت عام تاثر آهي ته هو موجوده وزيرن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور وزير آهي، ڪجهه وقت  اڳ واپارين جي موجودگيءَ ۾ هڪ اهم تقريب کي خطاب ڪندي موجوده نظام کي ناڪام قرار ڏنو ۽ چيو ته نظام کي نئين سر جوڙڻو پوندو. اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ لاءِ نوان صوبا ٺاهڻا پوندا، جنهن تي لڳ ڀڳ سمورين وڏين سياسي جماعتن پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. ان بيان جي اثرن سبب سياسي ميدان ۾ هڪ نئون زلزلو برپا آهي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ 27 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي قيادت تي تحريڪ انصاف جي هيٺين سطح جي ڪارڪنن ۽ حامين طرفان مسلسل لانگ مارچ ۽ احتجاجي تحريڪ هلائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پئي ويو، جنهن سبب سيپٽمبر ۾ ان تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو. هاڻي اهڙيون خبرون به اچي رهيون آهن ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۽ معاشي ترقي لاءِ نئون فارمولو تيار ڪيو پيو وڃي. شايد ڪو نئون تجربو سامهون اچڻ وارو آهي. پاڪستان جون لڳ ڀڳ سموريون سياسي جماعتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته پاڪستان گهڻ رُخن مسئلن ۽ بحرانن جي وڪڙ ۾ آهي، جنهن مان نڪرڻ جو رستو ڏينهون ڏينهن محدود ٿيندو پيو وڃي. اهڙين حالتن ۾ ڇا ڪو نئون تجربو خوشحالي جي ضمانت بڻجي سگهندو؟

پاڪستان جا شهري تڏهن ئي سڪون ۽ خوشيءَ سان زندگي گذاري سگهن ٿا، جڏهن عام ماڻهن کي معاشي پريشانين کان ڇوٽڪارو ملي، مهانگي خوراڪ، مهانگي بجلي، مهانگي گئس، مهانگي پيٽرول، مهانگي ٽرانسپورٽ، مهانگي معياري تعليم ۽ مهانگين طبي سهولتن کان نجات ملي، يا ٻي صورت ۾ عام ماڻهو جي آمدني ايتري هجي، جو هو زندگيءَ جون اهي بنيادي ضرورتون آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهي. غربت جو خاتمو ٿئي، ملڪ ۾ اهڙو امن امان هجي، جو هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهي، عورتون آسانيءَ سان جتي ۽ جڏهن چاهين اچ وڃ ڪري سگهن ۽ ڪو طاقتور ڪنهن ڪمزور سان زيادتي نه ڪري سگهي.

دنيا جا ترقي يافته ملڪ ان ڪري ترقي يافته آهن، جو اهي پنهنجي شهرين جي معاشي ۽ سماجي حقن جو تحفظ ڪن ٿا ۽ عوامي راءِ جو احترام ڪن ٿا. سمورين تحقيقن جو نچوڙ اهو ئي آهي ته سٺي حڪمراني ذريعي ئي معاشي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ترقي کان پري رهڻ، وڌندڙ غربت، معاشي زوال ۽ بدامني جو بنيادي سبب سٺي حڪمراني کان محرومي آهي.

صرف مراعت يافته طبقو ئي ترقيءَ جا گيت ڳائي ٿو، جڏهن ته غربت ۽ عام ماڻهن جي بدحالي ۽ پريشاني انهن جي نظر ۾ ڪا اهميت نٿي رکي. شايد اهي ان نفرت کي به محسوس نٿا ڪري سگهن، جيڪا عام ماڻهن ۾ انهن خلاف وڌندي پئي وڃي. اهي ئي سبب آهن، جن جي ڪري پاڪستان جي سياسي سمنڊ ۾ هڪ خوفناڪ طوفان جنم وٺي رهيو آهي. مهانگائي ۽ غربت کان پريشان عوام گهرن مان نڪري روڊن تي اچي سگهي ٿو. وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي چئلينج ڏنو آهي ته اها ڪا تحريڪ نٿي هلائي سگهي ۽ ڪو به ٻاهر نه نڪرندو، پر ڪنهن حد تائين هو پاڻ به ان بحران کي تسليم ڪن ٿا.

پاڪستان جي قيام کان وٺي ئي ملڪ جو سياسي نظام آئيني بحران ۽ جائز حڪمراني جي مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو آهي. اقتدار جي پرامن منتقليءَ لاءِ ڪو پائيدار نظام جوڙي نه سگهيو آهي. 1958ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ غير سياسي طاقتور ڌرين جو اثر ايترو وڌي ويو، جو سياسي حڪمرانن تي پس پرده طاقتور حلقن جو غلبو رهيو. ان ۾ سڀ کان وڏي خرابي فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي سبب پيدا ٿي. ان کان اڳ ٿيندڙ چونڊن ۾ پس پرده قوتون معمولي ڌانڌلي ۽ ڪجهه سيٽن جي هيراڦيري ذريعي پنهنجو غلبو برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون هيون ۽ ڪنهن حد تائين نمائنده حڪومت به قائم ٿي ويندي هئي. پر هن ڀيري ڌانڌلي ايتري وڏي پيماني تي ٿي، جو عوام ان انتظام کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو.

اهو بلڪل ائين آهي، جيئن کير ۾ ٿورو پاڻي ملائجي ته ماڻهو اهو خريد ڪري وٺن ٿا، پر جيڪڏهن هڪ سئو ليٽر پاڻيءَ ۾ ٽي سئو گرام کير ملايو وڃي ته ان کي ڪو به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. يعني هن ڀيري جعلسازيءَ ۾ پاڻيءَ ۾ کير ملائڻ وارو تناسب اختيار ڪيو ويو، جنهن کي سموري عالمي ميڊيا ۽ متاثر سياسي جماعت ۽ ان جي نمائندن وائکو ڪري ڇڏيو. چونڊن ۾ هارائيندڙ اقتدار ۾ اچي ويا، حڪمران جماعتن آئين ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ الزام لڳي رهيو آهي ته قانون سازي ۽ عدليا کي انتظاميا جي تابع ڪيو پيو وڃي. حڪمران جماعتون هر قسم جي جوابدهيءَ کان مٿانهين هجڻ سبب من ماني ڪرڻ تي آماده آهن. ڪرپشن هر سطح تي غالب آهي. اهو تصور عام ٿي چڪو آهي ته اهڙو نظام گهڻو عرصو قائم نٿو رهي سگهي.

ملڪ ۾ ميرٽ جو خاتمو ٿي رهيو آهي، اقرباپروري ۽ سفارش جو دور دورو آهي. هن بگاڙ کي درست ڪرڻ جا ڪي به آثار نظر نٿا اچن. معمولي شعور رکندڙ ماڻهو به سمجهي سگهي ٿو ته ملڪ غلط رخ ۾ وڃي رهيو آهي. ماڻهن کي پنهنجين پريشانين مان نجات لاءِ اميد جي ڪا به ڪرڻ نظر نٿي اچي. هڪ وڏي تعداد ۾ ماڻهو باني پي ٽي آءِ عمران خان جي حڪومتي دور کي ياد ڪن ٿا. بحران مان ڪڍڻ لاءِ قابل عمل منصوبو ان ڪري به تيار نه ٿي سگهيو آهي، جو اقتدار ۾ ويٺل جماعتون دولت ۽ عهدن جي لالچ واري بيماري ۾ مبتلا آهن.

 اڪستان جي اقتدار ۾ رهندڙ امير خاندانن جي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود دولت جو اڃا تائين ڪو ڪاٿو سامهون نه آيو آهي. ٿي سگهي ٿو اها دولت ايتري هجي، جو پاڪستان جا سمورا قرض ادا ٿي وڃن. اشرافيه جو هڪ وڏو طبقو اخلاقي زوال جو شڪار آهي. ڪرپشن ۽ ناجائز ذريعن سان حاصل ڪيل دولت لڪائي وڃي ٿي. دولت لڪائڻ جا ذريعا پڻ موجود آهن، ڇاڪاڻ ته بدعنواني عام ٿي چڪي آهي. چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ڪرپشن سبب معاشرو اخلاقي زوال جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، جيڪا تباهيءَ جو بنياد آهي.

You might also like