ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي والد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي جذباتي پيغام شيئر ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو لکيو ته ”سالگرهه مبارڪ بابا، هر ڏينهن منهنجي خواهش هوندي آهي ته توهان منهنجي ڀرسان هجو، ڪاش مون کي توهان جو ساٿ، توهان جو مشورو ۽ توهان جي رهنمائي حاصل هجي ها.“
واضح رهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر جنم ورتو. هو سياستدان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جو وڏو پٽ ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ڀاءُ هو.
مير مرتضيٰ ڀٽو 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاهه 70 ڪلفٽن ڀرسان پوليس فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد ڪيو ويو.
You might also like