اجيت اگرڪر جا ڏينهن پورا، روهت شرما واري معاملي تي بي سي سي آءِ وڏو قدم کڻي ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ (بي سي سي آءِ) جي سالياني جنرل اجلاس ۾ سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين اجيت اگرڪر جي مستقبل بابت فوري طور ڪا وضاحت سامهون نه اچي سگهي، جڏهن ته بورڊ جي آفيس بيئررز کي سينيئر مردن جي سليڪشن ڪميٽي بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، جمعي ڏينهن بي سي سي آءِ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر کي عهدي تي برقرار رکڻ بابت ويچاريو ويو.
واضح رهي ته بي سي سي آءِ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڀارت جي برطانيا دوري جي ڪارڪردگي بابت ٿيل جائزي واري اجلاس ۾ اگرڪر جي غيرحاضري کي اهميت نه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
اگرڪر جي عهدي بابت خاص طور تي ان وقت سوال اٿيا، جڏهن لارڊز ۾ ون ڊي ميچ کان اڳ روهت شرما وارو معاملو سامهون آيو.
رپورٽن موجب، سليڪٽرن اڳوڻي ڪپتان کي ٻڌايو هو ته هو ٽيم جي منصوبن جو حصو ناهي، پر بعد ۾ بي سي سي آءِ مداخلت ڪئي. اگرڪر کي جولاءِ 2023ع ۾ سليڪشن ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس معاهدو آڪٽوبر 2026ع تائين آهي.
ان دوران ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز، ايراني ڪپ ۽ ڀارت اي ٽيمن جي چونڊ لاءِ سليڪشن اجلاس هن هفتي جي شروعات ۾ معمول موجب ٿيو.
معاملن کان واقف ذريعن موجب، اجلاس جي ڪارروائي ۾ ڪا رنڊڪ نه آئي ۽ سليڪٽرن معمول موجب پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون.
جيڪڏهن اگرڪر جو مدو ختم ٿئي ٿو ته بي سي سي آءِ ترت نئون چيئرمين مقرر نه ڪري سگهندي.
بورڊ کي مقرر ڪيل طريقيڪار تحت پهريان عهدي لاءِ اشتهار جاري ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ انٽرويوز جو عمل ٿيندو، تنهنڪري نئين چيئرمين جي مقرري ۾ ڪجهه وقت لڳڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت جو اڳوڻو وڪيٽ ڪيپر بيٽر پارٿيو پٽيل اگرڪر جي جاءِ تي امڪاني اميدوار ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن سليڪشن ڪميٽي جي قيادت ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو.
ان کانسواءِ نئين جونيئر سليڪشن ڪميٽي جي مقرري وارو عمل به اڃا مڪمل نه ٿيو آهي.
بي سي سي آءِ 24 آگسٽ تي پنجن عهدن لاءِ اشتهار جاري ڪيو هو، پر اميدوارن جا انٽرويو اڃا تائين نه ٿي سگهيا آهن. اميد هئي ته نئين ڪميٽي جو اعلان سالياني جنرل اجلاس کانپوءِ ڪيو ويندو، پر تازي ڄاڻ موجب مقرري جو عمل مهيني جي آخر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
هوڏانهن جَارکنڊ اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن( جَي ايس سِي اَي ) جي سيڪريٽري سورڀ تيواري انهن رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ چيو ويو هو ته ايندڙ سال جي بارڊر-گواسڪر ٽرافي مان رانچي کي ميزبان شهر طور تبديل ڪيو پيو وڃي.
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل بارڊر-گواسڪر سيريز 21 جنوري تي ناگپور ۾ شروع ٿيندي، جنهن کانپوءِ چنائي، گوهاٽي، رانچي ۽ احمدآباد ۾ ٻيون چار ٽيسٽ ميچون کيڏيون وينديون.

You might also like