ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ ۾ پوليس لائنز ڀرسان جمعي جي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 16 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس اختيارين موجب، ڌماڪو جمعي جي نماز دوران ٿيو، جنهن سبب مسجد جي ٻاهران کڏو پئجي ويو، جڏهن ته ڌماڪي سبب مسجد جو ٻاهريون حصو سخت متاثر ٿيو ۽ ڀت پڻ ڪري پئي.
ان حوالي سان آءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بارود سان ڀريل گاڏي پراڻي پوليس لائنز جي گيٽ سان ٽڪرائي، گاڏي ٽڪرائجڻ کانپوءِ ڌماڪو ٿيو ۽ فائرنگ به ڪئي وئي. فائرنگ دوران اسپيشل برانچ جي عمارت وٽ هڪ ٻيو آپگهاتي ڌماڪو پڻ ٿيو.
سينٽرل پوليس آفيس پشاور موجب، ڪوهاٽ ۾ هڪ دهشتگرد کي مقابلي دوران مارجي ويو، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 5 پوليس اهلڪار ۽ 11 شهري شهيد ٿيا.
ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو
پوليس موجب، ڌماڪي جي زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن.
ايم ايس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال طاهر علي شاهه جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ 15 لاش ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي آندا ويا آهن، جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوهاٽ-هنگو روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس لائنز ڀرسان وڌيڪ نفري پڻ پهچائي وئي آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب، ڌماڪي سبب ويجهن عمارتن کي به نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ امدادي ڪارروائيون جاري آهن.
ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڪوهاٽ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهجن.
سهيل آفريدي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو بزدلاڻو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل قبول آهي.
هن هدايت ڪئي ته زخمين کي ترت طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا وڃن، اسپتالن ۾ زخمين جي علاج ۽ ضروري طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته سخت زخمين کي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ جا انتظام پڻ ڪيا وڃن.