ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن مهانگو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٻيهر سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 3 هزار 800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 53 هزار 436 رپين جو ٿي ويو.
اهڙيءَ ريت 10 گرام سون به 3 هزار 257 رپيا لاٿ سان 3 لک 88 هزار 749 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 38 ڊالر سهانگو ٿي 4 هزار 309 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.
You might also like