صوبن کي ٽوڙڻ جي سازش جو اصل مقصد

رزاق کٽي

هن وقت اسٽيبلشمينٽ جا جيترا به ”مبلغ“ آهن، اهي ڏينهن رات هڪ ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن ملڪ ۾ پندرهن ويهه صوبا ٺهي ويا ته هتي شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئندا، زندگي هڪ نظم ۾ اچي ويندي، ڪو ٻار علاج کانسواءِ نه مرندو، سڀ اسڪول ويندا، مائرون صبح جو کين صاف يونيفارم پارائي اسڪول موڪلينديون. پر داستان گوئن کي ڪير سمجهائي ته پيٽ ڀريل ماڻهوءَ کي چنڊ ۾ پوڙهي نظر ايندي آهي ۽ بکايل کي ماني!

صوبن جي ورهاڱي جي ايجنڊا پوري ڪرڻ جي خواهش ۾ هڪ ڳالهه، جنهن کي ڄاڻي واڻي گڊمڊ ڪيو ويو آهي، اها آهي صوبن جي ورهاڱي ۽ انتظامي يونٽن جي. محسن نقوي به اها ڳالهه ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻيا به ساڳي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته نوان صوبا ٺاهيا وڃن يا انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن. جيڪڏهن قانوني ۽ آئيني طور ان جو گهرو جائزو ورتو وڃي ته انهن ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. نئين صوبي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، جڏهن ته انتظامي يونٽن جو فيصلو وڏو وزير ئي ڪري سگهي ٿو. نئين صوبي لاءِ هڪ مڪمل صوبائي نظام گهربل هوندو آهي: صوبائي اسيمبلي، سيڪريٽريٽ، ڪابينا، جهاز، ايم پي ايز، بيوروڪريسي، اين ايف سي، سينيٽ وغيره وغيره. جڏهن ته انتظامي يونٽ صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي. اهو ان جي رولز آف بزنس تحت ٺهندو آهي. تعلقي، ضلعي يا ڊويزن کي انتظامي يونٽ چيو وڃي ٿو، جن کي هڪ قانون تحت هلايو ويندو آهي ۽ اهي صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هوندا آهن. پر بحث ڇيڙيندڙن انهن ٻنهي معاملن کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو صوبي جي ورهاڱي جا مخالف آهن، اهي هاڻي انتظامي يونٽن جي به مخالفت ڪري رهيا آهن.

 انهن جي مخالفت جو جواز سمجهه ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته ڳالهه انتظامي يونٽن جي هجي يا نوان صوبا ٺاهڻ جي، اصل ۾ نيت جو فتور آهي، ترقيءَ جي خواهش ناهي. انتظامي يونٽ ته هن وقت هر صوبي ۾ ڊويزن جي صورت ۾ موجود آهن. پوءِ ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض هوندو ته هڪ بدران ٻه ڊويزن ٺاهي ڇڏجن، جيئن ماڻهن کي پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ تڪليف نه کڻڻي پوي؟ پر بنيادي طور ڳالهه ماڻهن جي آسانيءَ جي نه ٿي رهي، پيٽ جو سور اهو آهي ته صوبن جي سامونڊي ڪنارن، وسيلن ۽ سياسي معاملن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو وڃي؟ ڳالهه اڳتي وڌائڻ کان اڳ انهن ٻن پهلوئن جو ذڪر ضروري آهي، جن تازو بحث کان پوءِ هڪ نئين تعصب کي جنم ڏنو آهي. اها باهه، جيڪا هڪ عرصي کان سنڌ ۾ رک ٿي وئي هئي، ان ۾ ڪجهه چڻنگون هاڻي ٻيهر اٿڻ شروع ٿي ويون آهن.

اسلام آباد يا لاهور جي شيشي جي گهرن ۾ رهندڙ مالي، طاقتور ۽ دانشوري اشرافيه کي لڳي ٿو ته پاڪستان جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ صوبن جو آباديءَ ۾ وڏو هجڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ صوبي جا وسيلا عام ماڻهوءَ تائين نٿا پهچن. تازو بحث ۾ حصو وٺندڙن تاريخ، قانون ۽ ثقافتن کي هڪ طرف رکي پنهنجون گندگيون ٻاهر ڪڍيون آهن، جن سان ماحول وڌيڪ زهريلو ٿيندو پيو وڃي. ان جون ڪيتريون ئي مثالون آهن. انهن مان هڪ اها آهي ته تازو بي بي سي اردو جي پروگرام ”سيربين“ ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ”صوبا ڪنهن جي پراپرٽي ناهن، اهي پاڪستان جي ملڪيت آهن.“ هن اهو به چيو ته ”صوبائي اسيمبليءَ جو فيصلو عوام جو نه، ميمبرن جو آهي.“ ڊاڪٽر طارق کي ضرور خبر هوندي ته پاڪستان جي تاريخ ڇا آهي. اهي چار صوبا، جن کي هو هڪ تضحڪ آميز انداز ۾ پاڪستان جي پراپرٽي قرار ڏئي ٿو، پاڪستان جي قيام کان اڳ الڳ الڳ ملڪ هئا. پر ڇا ڪجي، هن وقت مرضي هلائيندڙن جي ها ۾ ها ملائڻ ضروري آهي، ان ڪري هر ڪو هڪ ٻئي کان اڳتي نڪري سرخرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

جيڪو سياسي ڪارڪن پنهنجي سياسي جاگرافي، ثقافت ۽ روايتن کان واقف نه هجي، اهو ڪڏهن به درست حقيقتون بيان نٿو ڪري سگهي. شايد ڊاڪٽر طارق کي خبر هجي ته 1947ع جي ورهاڱي ۾ پنجاب جو جاني نقصان سڀ کان وڌيڪ ٿيو هو ۽ صوبو به ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. پر سنڌ جو ڪيس پنجاب کان بلڪل مختلف آهي.

سنڌي عوام، جيڪي اڄ صوبي جي ورهاڱي جا مخالف آهن، ان جا ٻه وڏا سبب آهن. هڪ اهو ته سنڌ جي موجوده حيثيت ۽ حدون سياسي آهن. بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ هو. مسلم ليگ سڄي هندستان ۾ آل انڊيا مسلم ليگ هئي، پر رڳو سنڌ ۾ سنڌ مسلم ليگ هئي، ڇاڪاڻ ته جناح صاحب کي جڏهن حمايت جي ضرورت هئي ته هن پاڻ چيو ته آل انڊيا بدران مسلم ليگ جو نالو سنڌ مسلم ليگ رکي ڇڏيو. ٻي ڳالهه اها آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ماڻهو اٺن ڏهاڪن کان جنهن عذاب مان گذريا آهن، ان بابت ٻين پاڪستانين کي اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا ان ڪري نه ٻڌايو، ڇاڪاڻ ته اها بنيادي طور شهرن ۽ هڪ مخصوص سياسي طبقي جي ميڊيا هئي ۽ آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ جنگ اخبار جو سنڌين جي حوالي سان جيڪو ڪردار هو، اهو ڪنهن به صورت ۾ قومي ميڊيا جي صحافتي اخلاق جي دائري ۾ نٿو اچي. سنڌ پنهنجي ورهاڱي جي مخالفت ان ڪري ڪري ٿو ته اڄ کان 80 سال اڳ جنهن طريقي سان يوپي ۽ پنجاب جي مسلمان جاگيردار اشرافيه بيوروڪريسيءَ سان گڏجي هڪ ڳٺ جوڙ ٺاهي پاڪستان جي نظام تي قبضو ڪيو، ان وقت بنگال سميت پاڪستان جي ٽنهي صوبن کي اندازو ٿي ويو هو ته ڇا ٿي ويو آهي.ون يونٽ ٺاهيو ويو ته قومن جي ٻولين ۽ سڃاڻپن کي ختم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته بنگالين سان مقابلو ڪرڻو هو. سنڌي ان ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي حوالي سان حساس آهن. ياد رکو ته سنڌين جون ٽي ريڊ لائينون آهن: ٻولي، حدون ۽ درياهه. جيڪي ماڻهو آصف زرداريءَ جي پهرين صدارتي دور ۾ سندس مٿي تي رکيل سنڌي ٽوپيءَ تي طنز کان پوءِ هڪ آواز بڻجي ويا هئا، اهي ئي ماڻهو هڪ سال اڳ ڪينالن جي معاملي تي آصف زرداريءَ خلاف جيڪي ڪجهه چئي رهيا هئا، اهو به رڪارڊ جو حصو آهي. ان ڪري سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت رڳو پيپلزپارٽيءَ جو نه، سنڌ جي عوام جو مسئلو آهي. پيپلزپارٽي پنهنجي عوام سان مضبوطيءَ سان بيٺي رهي ته اهو ان جو فرض هو، جيڪو هن نڀايو.

لاهور ۽ اسلام آباد جي ڪاروباري، سياسي ۽ مالي اشرافيه پنهنجي شيشي جي گهرن ۾ ويهي دانشوري ڪرڻ جو آسان ڪم ته ڪري سگهي ٿي، پر پاڪستان رڳو اهي ٻه شهر ناهن. پاڪستان بدين کان پري انهن ڳوٺن جو نالو به آهي، جتي ماڻهن جي تن بدن تي ڪپڙا ناهن، جيڪي اڄ به تلاءَ جو پاڻي پيئن ٿا ۽ ان تي شڪر ادا ڪن ٿا. انهن وٽ به اهڙو ئي سڃاڻپ ڪارڊ آهي، جهڙو لاهور ۽ اسلام آباد وارن وٽ آهي. ڪراچيءَ جي اسٽاڪ ايڪسچينج جا وڏا اڪائونٽ ۽ وڏن پيٽن وارا ٽيڪس چور ايجنٽ، جيڪي معيشت کي پنهنجي آڱرين تي نچائين ٿا، هاڻي اهي ئي ماڻهو هن ملڪ جي حدن کي ورهائڻ لاءِ انگڙايون وٺي رهيا آهن. سياستدان ڪيترو به خراب ۽ بدبودار ڇو نه هجي، پر کيس واپس ماڻهن وٽ ئي اچڻو هوندو آهي. کيس خبر هوندي آهي ته هڪ اگهاڙي پير وارو ماڻهو وقت اچڻ تي ڀريل ميڙ ۾ ڪيئن پٽ تي ڪيرائي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪاروباريءَ جو ڇا آهي؟ دڪان هڪ هنڌ نه هليو ته ٻي هنڌ کولي وٺندو.

پاڪستان جو بنياد 1973ع جو آئين آهي. اهو ئي هن رياست جو محور آهي. آمرن ان کي منسوخ ڪيو، پر پوءِ ان ۾ ترميمون ڪري پنهنجي اقتدار کي جواز بخشيو. ارڙهين ترميم اصل ۾ ميثاق جمهوريت جو ثمر آهي، جنهن ملڪ کي هڪ نئين سمت ڏني آهي. ان تعصبن کي ختم ڪيو ۽ ترقيءَ جي مقابلي جي بنياد وڌي. ان کي ڇيڙڻ جو فائدو گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿيندو. ترقيءَ جي نالي تي ان کي نه ڇيڙيو وڃي. اهو مطالبو ٿيڻ گهرجي ته آئين جي روح مطابق ان تي عمل ڪيو وڃي.پاڪستان جي ماڻهن کي عزت ڏيڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته لوڪل باڊيز نظام کي طاقتور بڻايو وڃي. صاف شفاف چونڊون ڪرائي ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي ته هو پنهنجا نمائندا چونڊين ۽ انهن جو احتساب ڪن. سياسي جماعتون به پنهنجا رويا تبديل ڪن. پنهنجي جماعتن کي خانداني ڪمپنيون بڻائڻ بدران پارٽيءَ لاءِ وڙهندڙ ۽ مرندڙ ماڻهن لاءِ جاءِ پيدا ڪن ته هڪ نئين قيادت پيدا ٿيندي ۽ حالتون بهتريءَ ڏانهن وينديون. صوبا چار آهن، توهان چاليهه ٺاهي ڇڏيو، پر ڪجهه به نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته نيت مالي ۽ سياسي ڪنٽرول جي آهي، عام ماڻهوءَ جي ترقيءَ جي ناهي.

You might also like