شهيد عثمان غني جي ياد ۾

حبيب الدين جنيدي

سڄي دنيا وانگر پاڪستان جي مزدور تحريڪ به پنهنجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي پرعزم جدوجهد ۽ قربانين سان ڀرپور تاريخ رکي ٿي. آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ 1886ع جي تاريخ ساز مزدور جدوجهد سڄي دنيا ۾ پورهيتن جي طاقت مڃرائي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ به ننڍن وڏن صنعتي شهرن ۾ محنت ڪش عوام پنهنجن انساني ۽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ ناقابلِ فراموش تحريڪون هلائيون. پاڪستان ۾ صنعتي مزدورن سان گڏ وائيٽ ڪالر ملازمن جي جدوجهد به نمايان رهي آهي. پي آءِ اي، بينڪن، انشورنس، بلدياتي، خودمختيار، نيم خودمختيار، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جي ملازمن جي تنظيمن جدوجهد جا قابلِ فخر مثال قائم ڪيا آهن.

بينڪنگ انڊسٽري جي ٽريڊ يونين اڳواڻن ۾ شهيد عثمان غني جو نالو انتهائي نمايان حيثيت رکي ٿو. عثمان غني کي 17 سيپٽمبر 1995ع تي ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه ڀرسان دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو. سندس تعلق ڪراچي جي قديم علائقي چنيسر ڳوٺ سان هو.

عثمان غني پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات مسلم ڪمرشل بئنڪ لميٽيڊ جي ملازمت سان ڪئي. نوجوانيءَ کان ئي سندس اندر قيادت جون صلاحيتون موجود هيون، جنهن سبب هو تمام جلد بئنڪ ملازمن ۾ مقبول ٿي ويو ۽ سي بي اي يونين جو صدر چونڊيو ويو. اتان کان سندس مزدور تحريڪ سان وابستگي شروع ٿي، جيڪا زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهي. عثمان غني هڪ جمهوريت پسند سياسي ڪارڪن به هو. پنهنجي آبائي علائقي چنيسر ڳوٺ ۾ هو پاڪستان پيپلز پارٽي جو سرگرم اڳواڻ طور سڃاتو ويندو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هن جمهوريت جي بحالي لاءِ هلندڙ هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ قربانيون ڏنيون. مسلم ڪمرشل بئنڪ جي سي بي اي يونين جي صدر ۽ پاڪستان بينڪس ايمپلائز فيڊريشن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ عثمان غني ملازمن جي حقن لاءِ انتهائي بهادري سان جدوجهد ڪئي. هن ڪيترين ئي تڪليفن ۽ جيلن کي منهن ڏنو، پر پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽيو. عثمان غني جي زندگيءَ جي آخري جيل ياترا 1991ع جي شروعات ۾ ٿي، جنهن ۾ ليکڪ به سندس همسفر هو. ان وقت نواز شريف وزيراعظم هو ۽ قومي ملڪيت وارن ادارن جي نجڪاري واري پاليسي تي عملدرآمد ڪيو پئي ويو. ان دور ۾ نجڪاري خلاف پاڪستان جي ٽريڊ يونينن اتحاد قائم ڪيو، جنهن تحت 160 سي بي اي ٽريڊ يونينن ملڪ گير هڪ ڏينهن جي علامتي هڙتال ڪئي.

ان هڙتال جي پاداش ۾ شهيد عثمان غني کي سندس آفيس، جيڪو ايم سي بي هيڊ آفيس ۾ واقع هو، تان پوليس ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس گرفتاري خلاف آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ٿيل وڏي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ليکڪ کي به گرفتار ڪري ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. ٻنهي جي آزادي ايم سي بي بئنڪ جي خانگي شعبي کي وڪرو ٿيڻ کانپوءِ عمل ۾ آئي. عثمان غني جو شمار انهن مزدور اڳواڻن ۾ ٿيندو هو، جن سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو انتهائي شفقت سان پيش ايندي هئي. پيپلز پارٽي جي ذيلي تنظيم پيپلز ليبر بيورو جي قيام لاءِ شهيد بينظير ڀٽو کي قائل ڪرڻ ۾ به شهيد عثمان غني ۽ عبدالعزيز ميمڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 اڄ شهيد عثمان غني جي شهادت جي 31هين ورسي ملهائي پئي وڃي. سندس ياد ان ڪري به تازو ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ شريف النفس، بااخلاق، مهذب ۽ تعليم يافته مزدور اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي اداري جي مزدور انجمن جي چونڊن ۾ ڪڏهن به شڪست نه کاڌي. عثمان غني پنهنجي سياسي ۽ مزدور جدوجهد دوران مخالفن سان به ڪڏهن انتقامي رويو اختيار نه ڪيو، پر درگذر کان ڪم ورتو. هن رڳو بينڪنگ انڊسٽري جي ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد نه ڪئي، پر ٻين ادارن جي مزدورن جي جدوجهد ۾ به هميشه ڀرپور ساٿ ڏنو. ان ئي سبب ڪري ان دور جا نامور مزدور اڳواڻ نبي احمد، ايس پي لوڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي سينئر مزدور اڳواڻن وٽ کيس وڏي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.  اڄ عثمان غني شهيد اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر جنهن عظيم مشن جي شروعات هن ڪئي هئي، ان کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان جو مزدور طبقو اڄ به ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيو آهي.

 تاريخ جو اٽل فيصلو آهي ته جڏهن جبر جون قوتون ڪنهن هڪ ڏيئي جي لاٽ وسائينديون آهن ته قدرت هڪ نئين ڏيئي کي روشن ڪري ڇڏيندي آهي. عثمان غني جي حوالي سان به ائين ئي ٿيو. سندس باصلاحيت فرزند سينيٽر سعيد غني پنهنجي شهيد والد جي مشعل کي پوري جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ جي صوبائي وزير محنت جي حيثيت سان سعيد غني محنت ڪش ۽ مظلوم پورهيتن جي مسئلن جي حل لاءِ ممڪن قدم کڻي رهيو آهي. سندس دور ۾، خاص طور تي 18هين آئيني ترميم جي نفاذ کانپوءِ، سنڌ ۾ مزدورن جي حقن سان لاڳاپيل ڪيترائي مزدور دوست قانون متعارف ڪرايا ويا آهن. مزدورن جي معاملن ۾ ٽه طرفي مشاورت کي ضروري قرار ڏنو ويو، مزدورن جي فلاحي ادارن ۾ حڪومت جي نمائندگي گهٽائي مزدور اڳواڻن جي نمائندگي وڌائي وئي، جڏهن ته فلاحي ادارن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن خلاف به قدم کنيا ويا آهن. مزدور اڳواڻن سان مشاورت جو سلسلو پڻ جاري رکيو پيو وڃي. هن وقت به ليبر ڪوڊ 2024ع بابت مزدور اڳواڻن سان صوبائي وزير محنت جون ملاقاتون جاري آهن، ته جيئن اتفاقِ راءِ سان قانون سازي جو عمل مڪمل ڪري سگهجي.

 شهيد عثمان غني جي جدوجهد ۽ قربانيون پاڪستان جي مزدور تحريڪ لاءِ هڪ روشن باب آهن. سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ محنت ڪش عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ ئي سندس قربانين کي حقيقي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ آهي.

You might also like