سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ کاڌو ئي گوڏن ۽ جوڙن جي سور جو سبب آهي: ماهرن جو انڪشاف

هڏن، بافتن، رڳن ۽ عضون جي منجهيل نظام سبب گوڏن جا جوڙ ڪافي نازڪ هوندا آهن.

گوڏن جي تڪليف ڪيترن ئي مسئلن جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، جيئن زخمي ٿيڻ، جوڙن جون بيماريون يا گوڏن جي بافتن ۾ ڪو مسئلو پيدا ٿيڻ.

گوڏن ۾ تڪليف هجي ته پنڌ ڪرڻ يا سڌو بيهڻ به ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو.

هاڻي هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته هاڻوڪي دور ۾ گهڻن ماڻهن جي سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ خوراڪ گوڏن جي تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

طبي تحقيقي رسالي ريڊيولاجي ۾ ڇپيل تحقيق موجب الٽرا پراسيس خوراڪ جي استعمال سان رانن جي عضون ۾ اهڙيون تبديليون ٿين ٿيون، جن سبب عضون ۾ چرٻي جو مقدار وڌي وڃي ٿو ۽ گوڏن جي تڪليف جو خطرو وڌي سگهي ٿو.

تحقيق موجب رانن جي عضون ۾ چرٻي وڌڻ سان گوڏن جا جوڙ متاثر ٿي سگهن ٿا.

واضح رهي ته الٽرا پراسيس خوراڪ تيار ڪرڻ دوران ڪيترائي ڀيرا پروسيس ڪئي ويندي آهي. انهن شين ۾ لوڻ، کنڊ ۽ ٻيا هٿرادو جزا گهڻي مقدار ۾ شامل هوندا آهن، جڏهن ته صحت لاءِ فائديمند غذائي جزا، جهڙوڪ فائبر، تمام گهٽ مقدار ۾ هوندا آهن.

الٽرا پراسيس خوراڪ ۾ ڊبل روٽي، فاسٽ فوڊ، مٺايون، کٽمٺڙا، ڪيڪ، لوڻ واريون شيون، ناشتي وارا سيريلز، چڪن ۽ مڇيءَ جا نگٽس، انسٽنٽ نوڊلز، مٺا شربت ۽ سوڊا وغيره شامل آهن.

انهن خوراڪن کي دل جي بيمارين، ڪينسر ۽ ٻين ڪيترين ئي دائمي بيمارين سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويندو آهي.

هن تحقيق ۾ گوڏن جي تڪليف ۾ مبتلا 615 ماڻهن جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو. انهن ماڻهن جو جسماني وزن وڌيڪ هو ۽ انهن جي خوراڪ جي عادتن بابت به معلومات حاصل ڪئي وئي. ان مان خبر پئي ته انهن ماڻهن کي ملندڙ ڪل ڪيلورين مان 41 سيڪڙو الٽرا پراسيس خوراڪ مان حاصل ٿينديون هيون.

محققن موجب نتيجن مان الٽرا پراسيس خوراڪ جي استعمال ۽ رانن جي چوڌاري چرٻي جي ذخيرو ٿيڻ وچ ۾ واضح تعلق سامهون آيو.

هنن ٻڌايو ته جيترو وڌيڪ مقدار ۾ الٽرا پراسيس خوراڪ استعمال ڪئي ويندي، اوترو ئي وڌيڪ چرٻي رانن جي عضون تي جمع ٿيندي.

ايم آر آءِ اسڪين ذريعي خبر پئي ته هن چرٻي سبب عضون جا ٽشوز ڪمزور ۽ خراب ٿيڻ لڳن ٿا، جنهن سان گوڏن جي تڪليف جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

محققن موجب تحقيق جا نتيجا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته صحت لاءِ فائديمند خوراڪ جو استعمال نه رڳو گڏيل صحت لاءِ بهتر آهي، پر گوڏن جي تڪليف کان بچاءَ ۾ پڻ مددگار ٿي سگهي ٿو.

جيڪڏهن ڪڏهن توهان جي گوڏن کي ڌَڪ لڳو هجي يا توهان جوڙن جي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا رهيا هجو ته توهان ڄاڻندا هوندا ته اها تڪليف ڪيتري ڏکوئيندڙ هوندي آهي.

صحتمند گوڏا بيهڻ، هلڻ، ڊوڙڻ ۽ ويهڻ لاءِ تمام اهم آهن.

جسماني وزن کي ضابطي ۾ رکڻ سان به گوڏن جي جوڙن جي تڪليف کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

You might also like