لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي ماهرن تحقيق ذريعي معلوم ڪيو آهي ته گذريل پنجن سالن دوران پاڪستاني شهرين، آبادگارن ۽ خانگي ادارن 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سولر پينل لڳرايا آهن.
جڏهن ته سرڪاري سطح تي سڄي پاڪستان ۾ رڳو 41 هزار ميگاواٽ بجلي جي رسائي ممڪن آهي، تنهن هوندي به لاهور ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ڪروڙين پاڪستاني لوڊشيڊنگ جي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ماهرن موجب ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته جن ماڻهن سولر پينل لڳرايا آهن، انهن مان اڪثريت پنهنجي گهرن يا ادارن لاءِ ذاتي طور تي پيدا ڪيل بجلي استعمال ڪري ٿي، جڏهن ته عام طور تي ضرورت کان وڌيڪ پيدا ٿيندڙ شمسي بجلي ضايع ٿي وڃي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن مسئلي جو حل اهو آهي ته جن پاڪستانين وٽ سولر پينل لڳل آهن، اهي پاڙي يا علائقي جي سطح تي گڏجي ننڍا گرڊ اسٽيشن قائم ڪن. اهڙيءَ ريت سولر بجلي مان پاڙي جو هر گهر فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
مقامي گرڊ اسٽيشن ذريعي سولر بجلي جي منظم خريد ۽ وڪري سان گڏوگڏ ان جي ورڇ ۽ ترسيل ممڪن ٿي سگهندي. ان سان سولر پينل لڳائيندڙ ۽ سولر پينل نه رکندڙ، ٻئي ڌريون فائدي ۾ رهنديون. پهرين ڌر کي اضافي بجلي وڪڻڻ سان مالي فائدو حاصل ٿيندو، جڏهن ته ٻي ڌر کي لوڊشيڊنگ جي تڪليف کان ڇوٽڪارو ملي سگهندو.