اسرائيل سان هر معاملي ۾ اتفاق ضروري ناهي، آمريڪا پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو: جَي ڊِي وينس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس چيو آهي ته آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي پنهنجي مفادن موجب طئي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي اسرائيل جي پاليسي جو تابع نه ٿيڻ گهرجي.
جي ڊي وينس هڪ ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جا اسرائيل سان اهم لاڳاپا آهن، خاص طور فوجي ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس جي شعبن ۾، تنهن هوندي به ٻنهي ملڪن جا مفاد هر معاملي ۾ هڪجهڙا نٿا ٿي سگهن.
آمريڪي نائب صدر چيو ته واشنگٽن انهن معاملن ۾ اسرائيل سان سهڪار ڪندو، جتي ٻنهي ملڪن جا مفاد گڏيل هجن، پر اختلاف جي صورت ۾ آمريڪا پنهنجي پاليسي پاڻ طئي ڪندو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي مقصد آمريڪي مفادن جو تحفظ هجڻ گهرجي.
وينس پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي آمريڪا جي نيٽو اتحادي ملڪن سان لاڳاپن جو مثال پڻ ڏنو.
سندس چوڻ هو ته نيٽو سان مضبوط ڀائيواري جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪا يورپ بابت پنهنجي پرڏيهي پاليسي نيٽو جي تابع ڪري، اهڙي طرح وچ اوڀر ۾ به آمريڪي پاليسي اسرائيل جي تابع نه هئڻ گهرجي.
آمريڪي نائب صدر جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ ۽ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب واشنگٽن جي اسرائيل بابت پاليسي تي پڻ بحث جاري آهي.
وينس ماضي ۾ به چيو آهي ته ڪجهه معاملن ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي مفاد مختلف ٿي سگهن ٿا.

You might also like