هراري (ويب ڊيسڪ(آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 294 رنسون ٺاهيون. ميٽ رينشا شاندار بيٽنگ ڪندي 109 رنسن جي سينچري اسڪور ڪئي، اِها سندس ون ڊي ڪيريئر جي پهرين سينچري هئي، جڏهن ته ڪوپر ڪونولي 51، مچل مارش 36 ۽ اوليور پيڪ 30 رنسون ٺاهيون.
زمبابوي جي نيو مين نيامهوري5 ، جڏهن ته بريڊ ايوانز 2 وڪيٽون ورتيون.
زمبابوي جي پوري ٽيم295 رنسن جي هدف جي جواب ۾46 هين اوور ۾235 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڪريگ اروائن 59 ۽ سڪندر رضا 57 رنسن سان مزاحمت ڪئي، جڏهن ته برائن بينيٽ 25 ۽ ويسلي ماڌيوري 22 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان ناٿن ايلس شاندار بالنگ ڪندي31 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، اسپينسر جانسن، زيويئر بارٽليٽ، ميٽ رينشا، ايڊم زمپا ۽ ڪوپر ڪونولي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ميٽ رينشا کي شاندار سينچري تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
رينشا جي سينچريءَ کانپوءِ ايلس جا پنج شڪار، آسٽريليا پهرين ون ڊي ۾ زمبابوي کي 59 تان هارائي ڇڏيو
You might also like