اسٽارز ڪلچر ختم ، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سڀني لاءِ لازمي قرار بابر اعظم به 6 سالن کانپوءِ فرسٽ ڪلاس کيڏندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڊوميسٽڪ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ بابت هدايتن تي قومي ڪرڪيٽرن جو عمل جاري آهي.
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم به پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون فرسٽ ڪلاس ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو، هو تقريبن 6 ڊوميسٽڪ سيزن کانپوءِ ڊوميسٽڪ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندو.
ذريعن موجب، پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون فرسٽ ڪلاس ۾ بابر اعظم او جي ڊي سي ايل جي نمائندگي ڪندو.
پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون فرسٽ ڪلاس جو پهريون رائونڊ هن وقت جاري آهي، جڏهن ته ٻيو رائونڊ 18 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم وطن واپسي کانپوءِ سمورا معاملا طئي ڪرڻ بعد ڊوميسٽڪ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندو.
هن ڊسمبر 2019ع ۾ پاڪستان ۾ آخري فرسٽ ڪلاس ميچ سينٽرل پنجاب طرفان کيڏي هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽرن لاءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ لازمي قرار ڏنو آهي.
فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي به ڊگهي عرصي کانپوءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، جڏهن ته حارث رئوف، فخر زمان ۽ سلمان علي آغا سميت ٻيا ڪرڪيٽر به پريزيڊنٽ ٽرافي ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

You might also like