هڪ نئين تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته وزن گهٽائڻ واريون دوائون ڊپريشن ۽ آپگهات جا خيال وڌڻ جي خطري سان لاڳاپيل آهن.
ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪيل تحقيق دوران سائنسدانن 27 هزار بالغ ماڻهن جي ذهني صحت سان لاڳاپيل انگن اکرن جو جائزو ورتو. انهن مان 846 ماڻهن ٻڌايو ته هو ڊاڪٽر جي نسخي تي وزن گهٽائڻ واري دوا استعمال ڪري رهيا هئا.
تحقيق مان خبر پئي ته وزن گهٽائڻ واريون دوائون استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾، اهي دوائون استعمال نه ڪندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڊپريشن ٿيڻ جو امڪان 93 سيڪڙو وڌيڪ هو، جڏهن ته آپگهات جا خيال ظاهر ڪرڻ جو امڪان 168 سيڪڙو وڌيڪ هو.
سائنسدانن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي تائين GLP-1 دوائون استعمال ڪندڙ ماڻهن جو جائزو وٺڻ دوران اها به خبر پئي آهي ته جيڪڏهن دوا تجويز ٿيڻ کان پوءِ انهن جو وزن ٻيهر وڌي ويو ته ذهني صحت جي مسئلن جو خطرو وڌيڪ وڌي.