”توکي ته ٻُهاري واري ڪم لاءِ به ڪو نه رکندو، ان لاءِ به صلاحيت ۽ معيار کپي ٿو“، رکي ساونت جي بيانن کانپوءِ ڪنگنا جو سخت ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري بيانن سبب مشهور اداڪارا ۽ بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر ڪنگنا رناوت، راکي ساونت جي تازي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ڪنگنا رناوت راکي ساونت جي تازي تڪراري تبصرن تي ردعمل ڏيندي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ”رڳو اهو ئي نه، پر اڪثر ناڪام ۽ تلخ مزاج ماڻهو ڪامياب عورتن جي ڪردار تي آڱر کڻڻ ۾ تڪڙ ڪندا آهن، جيئن پنهنجي ساڙ، ناڪامي ۽ انا کي تسلي ڏئي ان کي درست ثابت ڪري سگهن.“
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهڙن بار بار ۽ ڄاڻي واڻي ڪيل حملن آڏو پاڻ کي هيڻو سمجهڻ ڇڏي ڏيونم اسان کي عوامي سطح تي ڪردارڪشي سبب پنهنجي تذليل ۽ ڏکويل محسوس ڪرڻ سان گڏ هر ڳالهه جي وضاحتون ڏيڻ به بند ڪرڻ گهرجن.“
ڪنگنا رناوت چيو ته اهي ماڻهو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر بدقسمتي سان ڪنهن کي به اوهان کان ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي، ياد رکو، اوهان جون سڀ مهربانيون گڏجي به اوهان کي ٻهارو ڏيڻ واري نوڪري به نٿيون ڏياري سگهن، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ به ڪجهه معيار ۽ صلاحيت گهربل هوندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته تنهنڪري مطمئن رهو، مهربانيون ڪريو يا نه ڪريو، اوهان ڪاڏي به نه ويندئو، منهنجي فلم ڏسو ۽ روئيندا رهو.
واضح رهي ته راکي ساونت کي ويجهڙ ڪنگنا رناوت، سمرتي ايراني ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بابت دٻيل لفظن ۾ تبصرا ڪرڻ تي سخت تنقيد کي منهن ڏسڻو پيو هو.
راکي ساونت کي تازو سمي رائنا جي شو جي هڪ قسط ۾ ڪاروباري شخص اشنيئر گروور، ڪاميڊين ڪشاگر سريواستو ۽ دي هيبيٽيٽ جي مالڪ بالراج گهئي سان گڏ ڏٺو ويو هو، جڏهن ته ڪنگنا رناوت آخري ڀيرو فلم ”ڀارت ڀاگيه وڌاتا“ ۾ نظر آئي هئي.

 

You might also like