ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) کي ڪوريئر ذريعي پنهنجو جواب موڪلي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، محمد رضوان طرفان اين سي سي آءِ اي کي موڪليل جواب ۾ ڪيترائي سوال اُٿاريا ويا آهن، جنهن ۾ هن پڇيو آهي ته اوهان مون کي ڇو گهرايو هو؟
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد رضوان سوال ڪيو ته سندس موبائل فون اڃا تائين واپس ڇو نه ڪئي وئي آهي؟
ذريعن موجب، رضوان خط ۾ اهو به سوال اٿاريو آهي ته مون ڪهڙي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اهو ٻڌايو وڃي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته محمد رضوان خط ۾ اهو به پڇيو آهي ته مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته اوهان مون کي ڪهڙي سبب جي ڪري گهرايو رهيا آهيو؟
You might also like