خريدارن لاءِ سُٺي خبر، سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون اڄ به 4 هزار رپين جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون چار هزار رپين جي لاٿ کانپوءِ 4 لک 49 هزار 336 رپين جو ٿي ويو.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 3 هزار 429 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 85 هزار 233 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس 40 سهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4268 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.

You might also like