ٽرمپ جي پٽ جي شادي ۾ پيوٽن جي ساٿي لکين ڊالر خرچ ڪري ڇڏيا، آمريڪي جاچ اداري جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وڏي پٽ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر ۽ سندس گهرواري بيٽينا تصديق ڪئي آهي ته سندن شادي جي ڪجهه خرچن جي ادائيگي روسي ڪاروباري شخص عمر ڪريملوف ڪئي هئي، جنهن جا روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ويجها لاڳاپا ٻڌايا وڃن ٿا.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر ۽ بيٽينا جي شادي مئي ۾ ٿي هئي، ٻنهي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي ٻڌايو ته بهاماس جي هڪ خانگي ٻيٽ تي ٿيل شادي جي تقريبن جي ٻن راتين جي ميزباني عمر ڪريملوف ڪئي هئي.
عمر ڪريملوف انٽرنيشنل باڪسنگ ايسوسيئيشن (آءِ بي اي) جو صدر آهي.
جوڙي پنهنجي بيان ۾ ڪريملوف کي پنهنجو ويجهو دوست قرار ڏيندي سندس ميزباني کي دوست طرفان ڏنل شادي جو تحفو قرار ڏنو ۽ ان تي ٿورا مڃيا.
اهو معاملو آمريڪي ميڊيا ۾ ٽرمپ خاندان تي پرڏيهي اثرانداز ٿيڻ بابت سوالن جو سبب بڻجي ويو آهي.
شادي جي خرچن جا تفصيل پهريون ڀيرو آمريڪي جاچ اداري پرو پبليڪا جي رپورٽ ۾ سامهون آيا هئا.
پرو پبليڪا موجب، ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر ۽ بيٽينا جي شادي بهاماس جي هڪ خانگي ٻيٽ تي ٿي، جڏهن ته ان کانپوءِ ٻن ڏينهن واريون تقريبون هڪ ٻئي ٻيٽ تي ٿيون، جتي هڪ رات جي رهائش جو ڪرايو اٽڪل هڪ لک ڊالر هو.
رپورٽ موجب، تقريب سان لاڳاپيل ڪيترائي ٻيا خرچ پڻ عمر ڪريملوف برداشت ڪيا، جن ۾ اٽڪل 70 هزار ڊالر ماليت جي آتشبازي به شامل هئي.
پرو پبليڪا پنهنجي تحقيق جي بنياد تي دعويٰ ڪئي ته ڪريملوف شادي جي تقريبن تي مجموعي طور لکين ڊالر خرچ ڪيا.
آمريڪي حڪومتي اخلاقيات جي نگراني ڪندڙ ڪيترن ئي تنظيمن ان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
انهن جو چوڻ آهي ته صدر جي پٽ اهڙي شخص کان قيمتي تحفا قبول ڪيا، جنهن جا روسي صدر پيوٽن سان ويجها لاڳاپا آهن.
جيتوڻيڪ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر ڪنهن سرڪاري عهدي تي مقرر ناهي، پر اهڙي صورتحال مفادن جي ٽڪراءَ ۽ پرڏيهي اثر بابت سوال ضرور اٿاري ٿي.

You might also like