17 سيپٽمبر تائين برساتن جي اڳڪٿي، اين ڊي ايم اي پاران ٻوڏ جو الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي سبب امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، 17 سيپٽمبر تائين گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ برساتن سبب دريائن ۽ ندي نالن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.
اداري موجب، گلگت بلتستان جي ضلعن گلگت، ديامر، غذر، اشڪومن، گپس ياسين، نگر، هنزه، شمشال، اسڪردو ۽ شگر ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي.
خيبرپختونخوا جي اپر دير، سوات، باجوڙ، ملاڪنڊ، ڪرم، ڪوهستان، مهمند ۽ اورڪزئي وارن علائقن ۾ پڻ ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، بلوچستان جي ضلعن زوب، شيراني ۽ موسيٰ خيل، جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن، جن ۾ راولپنڊي، گوجرانوالا، سرگوڌا، جهَنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۽ شيخوپورا شامل آهن ۾ به ٻوڏ جو خدشو آهي.
امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ الرٽ جاري ڪندي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري انتظام مڪمل رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اداري شهرين کي صلاح ڏني آهي ته تيز برسات دوران برساتي نالن، پاڻي هيٺ آيل روڊن، پلن ۽ هيٺاهين رستن تي سفر کان پاسو ڪن.

You might also like