آءِ سي سي جي ڪارروائي، مردن کانپوءِ مائين جي ٽيم تي به ڏنڊ هڻي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ٽيم تي وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ 2026 جي سيمي فائنل ۾ سلو اوور ريٽ سبب ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) موجب، سريلنڪا خلاف سيمي فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر وقت اندر هڪ اوور گهٽ ڪرايو هو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته پاڪستان وومينز ٽيم تي ميچ فيس جو 5 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو ، جڏهن ته ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثنا ڏنڊ قبول ڪري ورتو آهي
واضح رهي ته پاڪستان وومينز ٽيم وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن سريلنڪا هٿان شڪست کائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي هئي.

You might also like