پاڪستان آئيڊل جي سوڀاري حرا قيصر ڪراچي ميوزڪ فيسٽيول ۾ ڳائيندي!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان آئيڊل جي سوڀاري حرا قيصر پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندي.

آرٽس ڪائونسل جي ٽن ڏينهن واري ميوزڪ فيسٽيول ۾ پاڪستان آئيڊل جا اسٽار پهريون ڀيرو هڪ وڏي لائيو ڪنسرٽ ۾ ڳائيندا. حميرا چنا ۽ غلام عباس سميت نوان گلوڪار هن وڏي تقريب ۾ نظر ايندا.

آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پاڪستان آئيڊل ذريعي بهترين آواز سامهون آيا.

احمد شاهه موجب اسان فيصل آباد، لاهور، ملتان ۽ ڪراچي مان پاڪستان آئيڊل جي ستارن کي دعوت ڏني آهي. پاڪستان آئيڊل 2026 جي سوڀاري حرا قيصر پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندي.

You might also like