سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل منظور، ميئر ئي ايڊمنسٽريٽر هوندو، اپوزيشن جو احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ ۽ احتجاج دوران سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2026 منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪائونسل جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ميئر ئي ايڊمنسٽريٽر جا اختيار سنڀاليندو.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايوان ۾ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن دوران اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائس آڏو پهچي ويا.
اپوزيشن ميمبرن لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل جون ڪاپيون به ڦاڙي ڇڏيون.
لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2026 بابت خاص ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ بل کي منظور ڪيو ويو.
بل جي متن موجب، نئون چونڊيل ميئر عهدو سنڀالڻ تائين رٽائر ٿيندڙ چونڊيل نمائندا ايڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪندا.
بل موجب ڊپٽي ميئر، وائيس چيئرمين ڪائونسل جو ڪنوينر مقرر ٿيندو ۽ اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو.
ترميمي بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته يو سي چيئرمين غيرقانوني اڏاوتن جي نشاندهي ڪري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) کي اطلاع ڏيندا.
بل ۾ ٽياڪڙي فورم به شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 90 ڏينهن اندر فورم جوڙي ڏيڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like