راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ مبينا طور مڙس هٿان قتل ٿيل ڪنوار حنا جاويد جي وحشياڻي قتل کانپوءِ جون تصويرون سامهون اچي ويون آهن.
سامهون آيل تصويرن ۾ مقتولا جي هٿن ۽ ٺونٺين تي زخمن جا نشان ڏسي سگهجن ٿا. مقتولا جي چهري، ڄاڙي ۽ چپن تي به زخمن جا نشان واضح آهن.
ياد رهي ته حنا جاويد کي مبينا طور سندس مڙس ملازم سان گڏجي 20 آگسٽ تي قتل ڪيو هو.
حنا جاويد جي قتل جو ڪيس سندس ڀاءُ فهد جاويد جي فرياد تي سول لائينز ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي. ڪيس ۾ مقتولا جو مڙس، سهرو ۽ گهريلو ملازم نامزد آهن، جڏهن ته نامزد جوابدار مقتولا جي سهري کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو.
حنا جاويد جي وارثن راولپنڊي پوليس جي جاچ تي پڻ بي اطميناني جو اظهار ڪيو آهي.