انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جي درجابندي وڌيڪ هڪ درجو ڪري وئي ۽ عالمي ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ گرين ڪيپس آخري نمبر تي پهچي وئي.
عالمي ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ آسٽريليا پهرين ۽ ڏکڻ آفريڪا ٻئي نمبر تي آهي. ٽيسٽ ٽيمن جي درجابندي ۾ نيوزيلينڊ ٽئين، ڀارت چوٿين ۽ انگلينڊ پنجين نمبر تي آهي.
بنگلاديش ڇهين، سريلنڪا ستين ۽ ويسٽ انڊيز هڪ درجو اڳتي وڌڻ کانپوءِ اٺين نمبر تي اچي وئي آهي.
واضح رهي ته انگلينڊ ٽئين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. انگلينڊ 130 رنسن جو هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو هو.
انگلينڊ پهريون ڀيرو پاڪستان کي پنهنجي سرزمين تي کيڏيل ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو آهي.