اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف في ليٽر پيٽرول تي 100 رپيا رعايت ڏيڻ واري خاص رٿ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب عوام تي پوندڙ بار جو کيس پورو احساس آهي.
هن چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ ننڍين گاڏين لاءِ خاص رعايتي رٿ شروع ڪري رهيا آهيون.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ 800 سي سي تائين گاڏين وارن کي في ليٽر پيٽرول تي 100 رپيا رعايت ڏني ويندي.
هن چيو ته 800 سي سي تائين گاڏين جي مالڪن کي هر مهيني 30 ليٽر پيٽرول تي في ليٽر 100 رپيا رعايت ڏني ويندي.
وزيراعظم اهو به چيو ته گادي واري هنڌ اسلام آباد جي حدن اندر پيٽرول تي رعايت ايندڙ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات کان لاڳو ڪئي ويندي.
هن چيو ته سڄي پاڪستان، جنهن ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان به شامل آهن، اتي رعايت اربع ۽ خميس جي وچ واري رات کان لاڳو ٿيندي.
شهباز شريف چيو ته خاص رعايتي رٿ لاءِ رجسٽريشن اڄ کان شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رعايت حاصل ڪرڻ جو طريقو آگاهي مهم ذريعي عوام تائين پهچايو ويندو.
هن چيو ته رٿ لاءِ رجسٽريشن جي سلسلي ۾ موٽرسائيڪلن، رڪشائن ۽ ننڍين گاڏين بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ تي صوبن جا ٿورائتا آهيون.