ايس پي ايس سي ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاج 51هين ڏينهن به جاري، شاگردن مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پاران قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ 51هين ڏينهن به جاري رهي، جڏهن ته نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ الطاف لنجهو ۽ شاگرد عمران بلوچ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي.
سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن زبيع الله مستوئي، وجاهت هنگورجو، حسين بخش چانڊيو، سڪيلڌو چانڊيو، فخرالزمان کوهارو، احسن جاگيراڻي ۽ اياز رستماڻي جي اڳواڻي ۾ ڪئمپ جاري رکي وئي.
ٻئي پاسي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ وفد پڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتو.
ايس يو پي جي وفد بک هڙتال ڪندڙ شاگردن کي گلن جا هار پارائي سندن جدوجهد تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ميرٽ جي بحالي ۽ انصاف لاءِ سندن حوصلن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.

 

You might also like