ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي 12 رڪني خاص ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني نظام بابت ترميمي بل تي غور ڪيو ويو.
اجلاس دوران ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف ترميمي بل کي رد ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ايم ڪيو ايم جو بل اڃا ناهي آيو، اسيمبلي جي اجازت سان ئي ان تي غور ڪيو ويندو.
هن چيو ته چونڊ شيڊيول جاري ٿيندي ئي انتظام چونڊيل نمائندن حوالي ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ايڊمنسٽريٽر رڳو روزاني جا معاملا هلائي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ نئين مڪاني نظام بابت ترميمي بل تي غور، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي مخالفت
You might also like