برمنگهم ٽيسٽ ۾ به شڪست، انگلينڊ پهريون ڀيرو هوم سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ به پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 3-0 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
برمنگهم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جوءِ روٽ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ رڳو 133 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 4، اولي رابنسن 3 ۽ جفرا آرچر 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته گس ايٽڪنسن هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان جي 133 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ شاندار بيٽنگ ڪندي 453 رنسون ٺاهيون ۽ پاڪستان خلاف 320 رنسن جي وڏي سرسي حاصل ڪئي.
انگلينڊ جي پهرين اننگز ۾ هيري بروڪ 75، ڊين لارنس 65، جيمي سمٿ 69 ۽ اولي رابنسن 50 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جفرا آرچر 32 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.
320 رنسن جي خساري کانپوءِ پاڪستان ٻي اننگز ۾ شاندار مزاحمت ڪئي ۽ شان مسعود، بابر اعظم ۽ رضاالله جي بهترين بيٽنگ جي مدد سان 449 رنسون ٺاهيون، جنهن سان انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 130 رنسن جو هدف مليو.
پاڪستان طرفان شان مسعود 95، بابر اعظم 76، رضاالله 81، آزاد اويس 59 ۽ محمد عباس 42 رنسون ٺاهيون. رضاالله رڳو 63 بالن تي 81 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏندي 9 ڇڪا هنيا.
انگلينڊ طرفان ٻي اننگز ۾ اولي رابنسن ۽ گس ايٽڪنسن 2-2، جڏهن ته جوش ٽنگ ۽ جفرا آرچر هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
130 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي انگلينڊ جي شروعات خراب رهي ۽ پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس ٻنهي اوپنرن کي پويلين موڪلي ميزبان ٽيم کي دٻاءَ ۾ آڻي ڇڏيو.
پر ان کانپوءِ جوءِ روٽ ۽ جورڊن ڪاڪس ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سوڀ ڏياري. جوءِ روٽ 62 ۽ جورڊن ڪاڪس 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
اهڙيءَ ريت انگلينڊ ٽين ٽيسٽ ۾ به پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 3-0 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
ڊين لارنس کي ميچ ۽ اولي رابنسن کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

You might also like