ايران گهڻي دير آمريڪي دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندو، نومبر کانپوءِ ويڙهه ختم ٿي ويندي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جاري جنگ سندس موجوده صدارتي مدي جي پڄاڻي تائين جاري رهڻ جو ڪو امڪان ناهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، ٽرمپ ايران جنگ جي مستقبل بابت پنهنجي موقف ۾ چيو ته اهو تڪرار ايترو ڊگهو نه هلندو جو سندس صدارتي مدت جي پڄاڻي تائين جاري رهي.
ٽرمپ ان کان اڳ به چئي چڪو آهي ته جنگ نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي مڊٽرم چونڊن کان ترت پوءِ ختم ٿي ويندي.
ٽرمپ جي ان پراعتماد موقف جي ابتڙ وائيٽ هائوس جي ڪجهه اعليٰ اختيارين ذاتي طور تي جنگ ڊگهي ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا آهن.
وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب، نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سميت اعليٰ اختيارين ٽرمپ کي خبردار ڪيو آهي ته ايران آمريڪي دٻاءَ خلاف مزاحمت جاري رکي سگهي ٿو ۽ تڪرار سندس صدارتي مدت جي پڄاڻي تائين به ڊگهو ٿي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي ٽرمپ چيو آهي ته ايران گهڻي دير تائين آمريڪي دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندو.
سندس چوڻ موجب جنگ جو بنيادي مقصد ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ آهي.
ايران جنگ سبب وچ اوڀر ۾ فوجي ڇڪتاڻ سان گڏ عالمي توانائي مارڪيٽ به شديد دٻاءَ هيٺ آهي.

You might also like