ممبئي (ويب ڊيسڪ) فلمساز ۽ ڪوريوگرافر فرح خان بالي ووڊ اداڪار اڪشي کنا سان ڪم ڪرڻ جي تجربي کي انتهائي ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو.
اڪشي کنا پنهنجي شاندار اداڪاري سبب اڄڪلهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، جڏهن ته فل” دريشيم 3“ کان سندس ڌار ٿيڻ جي خبرن دوران سندس رويي بابت تبصرا پڻ بحث هيٺ اچي ويا آهن.
فرح خان هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ٻڌايو ته هن جو اڪشي کنا سان ڪم ڪرڻ سندس لاءِ انتهائي ڏکيو هو، هو ايڏو چيڙاڪ هو جو بيهڻ به پسند نه ڪندو هو.
فرح خان چيو ته هن اڪشي کنا سان ”ڊولي سجائي ڪي رکنا“، ”لاوارث“ ۽ ٻين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اڪشي کنا پاڻ به پنهنجي انٽرويوز ۾ اعتراف ڪري چڪو آهي ته ان دور ۾ ساڻس ڪم ڪرڻ تمام ڏکيو هو.
فرح خان اعتراف ڪيو ته هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن هن فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن ڪو گانو اڪشي کنا تي فلمايو ويندو ته هوءَ ان جي ڪوريوگرافي نه ڪندي.
هن چيو ته پوءِ کيس فلم”دل چاهتا هي“ ۾ اڪشي کنا سان ٻيهر ڪم ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته فلم جي هدايتڪاري فرحان اختر ڪئي هئي. ان فلم کان پوءِ اڪشي کنا جي رويي ۾ واضح تبديلي آئي.
فرح خان موجب ”دل چاهتا هي“ کان پوءِ اڪشي کنا ۾ تبديلي آئي ۽ فلم”تيس مار خان“ ۾ هو تمام سٺو رهيو.
هن وڌيڪ چيو ته اڪشي کنا حقيقت ۾ ڏاڍو سٺو ڊانسر آهي، پر هوءَ اهڙن فنڪارن سان ڪم ڪرڻ نٿي چاهي، جيڪي کيس پريشان ڪن.
You might also like