اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڊائلاگ ڪميٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۾ غربت جي شرح 41 سيڪڙو وڌي وئي آهي، جڏهن ته آبادي جو 23 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو هاڻي ماهوار 8 هزار رپيا ڪمائڻ جي قابل به ناهي رهيو.
فواد چوڌري چيو ته حڪومت جي مقرر ڪيل غربت جي معيار موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو مهيني جا 8 هزار رپيا به نٿو ڪمائي ته ان کي غريب تصور ڪيو وڃي ٿو، پنجاب ۾ هاري ۽ آبادگار جي معاشي صورتحال خراب ٿيڻ سبب غربت جي شرح ۾ 41 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو آبادي جو روزگار زراعت سان واڳيل رهيو آهي.
هن چيو ته خوراڪ جي عدم تحفظ جي شرح پڻ 24.4 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اهو چوڻ فطري آهي ته نظام ناڪام ٿي چڪو آهي. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ فوڊ سيڪيورٽي جا انگ اکر به سڀني جي سامهون آهن.
فواد چوڌري جو چوڻ هو ته انهن مسئلن جو متبادل رستو اختيارين جي ورڇ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ آهي، پر جڏهن نون صوبن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته سنڌ اسيمبلي طرفان چيو وڃي ٿو ته ”سنڌ اسان جي ماءُ آهي“
هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ماءُ آهي ته ان جي خدمت به ڪرڻ گهرجي، رڳو سمورا پئسا دبئي ۽ آسٽريليا ۾ رکڻ سان ماءُ جي خدمت نٿي ٿئي.
قومي ڊائلاگ ڪميٽي جي اڳواڻ چيو ته موجودا نظام ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته وڏن وزيرن وٽ ايترا وسيلا اچي ويا آهن، جو کين سمجهه نٿي اچي ته اهي خرچ ڪيئن ڪن، جڏهن ته نئين قيادت جي اچڻ جا امڪان به محدود ٿي ويا آهن.
هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري خاندانن جي موجودگي ۾ نئين قيادت جو اچڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ تمام گهڻا وسيلا موجود آهن. سندس چوڻ موجب ٻنهي خاندانن وچ ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ تحت اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌ اوهان جي ۽ پنجاب اوهان جو، ۽ ساڳئي طريقي سان حڪومت هلائي پئي وڃي.
فواد چوڌري چيو ته جيستائين سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيارن جي ورڇ نه ٿيندي، تيستائين پاڪستان جو گورننس فريم ورڪ درست نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته لوڪل گورنمينٽ ذريعي مالي اختيارن جي ورڇ ته ٿي سگهي ٿي، پر انتظامي ۽ سياسي اختيارن جي حقيقي منتقلي نٿي ٿئي. جيڪڏهن ضلعن کي اختيار ڏيڻ باوجود ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو اختيار وڏي وزير يا صوبائي حڪومت وٽ ئي رهندو ته ان کي حقيقي اختيارن جي ورڇ نٿو چئي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته اسيمبلي جو قانونسازي وارو اختيار به سڀني ادارن تي حاوي آهي، تنهنڪري سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ پيدا ڪيل سڃاڻپ جي بحران تي بحث ٿي سگهي ٿو ۽ اتفاقِ راءِ پيدا ڪري سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته سڃاڻپ کي برقرار رکندي نوان صوبو ڪيئن قائم ڪري سگهجن ٿا، ان جو طريقو به طئي ڪري سگهجي ٿو، پر نون صوبن جو قيام هڪ بنيادي سڌارو آهي.
فواد چوڌري چيو ته نون صوبن جو خيال اسٽيبلشمينٽ طرفان آيو هجي يا ڪنهن خانگي فرد طرفان، اهو قابلِ غور آهي، ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ ۽ ان کي عملي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز تي تنقيد ڪندي فواد چوڌري چيو ته جو سرڪاري جهاز تي لنڊن جو نجي دورو سوا 6 ڪروڙ رپين جو پيو، جڏهن ته عظميٰ بخاري کان خرچ جي رسيد گهري وئي ته اها به نه ڏني ويندي.
فواد چوڌري چيو ته تيل جي قيمتن ۾ 26 فيبروري کان هيل تائين 119 رپيا واڌ ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته حڪومت بجلي تي 1100 ارب رپيا وٺي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيپيسيٽي پيمنٽ جي مد ۾ 1800 ارب رپيا ادا ڪري چڪا آهيون. ٽيڪس سميت ڪيپيسيٽي پيمنٽ ۽ ٻين معاملن ۾ 6 کرب رپيا ادا ڪيا پيا وڃن.
فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جي پئسن سان گاڏين کانپوءِ هاڻي جهاز به خريد ڪيا پيا وڃن، پنجاب ۾ وڏي وزير ۽ سينيئر وزير لاءِ الڳ الڳ جهاز ورتا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته مريم نواز سرڪاري جهاز تي لنڊن ويون، سندن نجي دوري تي سوا 6 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا، جڏهن ته عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته مريم نواز رقم پنهنجي کيسي مان ادا ڪئي.
قومي ڊائلاگ ڪميٽي جي اڳواڻ چيو ته مون عظميٰ بخاري کان ادائيگي جي رسيد گهري، پر اها به نه ڏني ويندي، صدر ۽ گهرو وزير به سرڪاري جهازن تي دورا ڪندا رهن ٿا.
سنڌ ماءُ آهي ته ان جي خدمت به ڪيو، دبئي ۽ آسٽريليا ۾ پئسا رکڻ سان ماءُ جي خدمت نٿي ٿئي: فواد چوڌري
Next Post
You might also like