لاهور (ويب ڊيسڪ) افغان ميڊيڪل شاگردن کي ڪاليجن مان ڪڍڻ خلاف درخواستن تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پي ايم ڊي سي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته افغان شاگردن وٽ دستاويز ئي موجود ناهن.
جسٽس خالد اسحاق سوال ڪيو ته داخلا ڏيندي تعليمي ويزا ڪيئن ڏني وئي هئي؟ 4 سال سندن زندگي ضايع ڪري هاڻي واپس موڪلي رهيا آهيو؟
پي ايم ڊي سي کي شاهي حڪم آيو، جنهن کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، شاگردن کي ڪڍڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ته انهن کي ٻڌي وٺن ها.
پي ايم ڊي سي جي وڪيل چيو ته سڄي دنيا جو اصول آهي ته صحيح ويزا نه هجي ته توهان رهي نٿا سگهو.
عدالت رمارڪس ڏنا توهان انهن شاگردن کي ڦاسي جي سزا ئي ڏئي ڇڏيو.
عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪالهه تائين فيورٽ ٻار هئا، اڄ پاليسي تبديل ٿي وئي؟ توهان انهن شاگردن کي ڦاسي جي سزا ئي ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪو به افغان ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد کي نه ڪڍندو ۽ نه ئي سندس پيپر رد ڪندو.
عدالت پنجاب جي سمورن ميڊيڪل ڪاليجن کي افغان شاگردن کي ڪڍڻ کان روڪيندي درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
”ڪالهه تائين ته فيورٽ ٻار هئا، اڄ پاليسي بدلجي وئي؟“ افغان شاگردن کي تعليمي ادارن مان ڪڍڻ تي عدالت جو وڏو حڪم
You might also like