اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي حوثي باغين خلاف ڪارروائي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڳاڙهي سمنڊ ۾ حوثي باغين جي خطري بابت سعودي ولي عهد گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ سان ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.
رپورٽ موجب، محمد بن سلمان ٽرمپ تي زور ڏنو ته هو حوثين خلاف ڪارروائي ڪري، پر آمريڪي صدر حوثين خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، آمريڪي فوجي ۽ سول اختيارين ويجهڙ وارن هفتن دوران سعودي هم منصبن سان رابطي ۾ رهيا، جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪوپر هنگامي رابطي وارن اجلاسن لاءِ گذريل ڏينهن سعودي عرب پهتو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واشنگٽن ۾ سعودي سفارتخاني ۽ وائيٽ هائوس ان حوالي سان تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب ۾ يمن جي حوثي جماعت انصارالله حملا ڪيا هئا، جن ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 73 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.
”حوثين خلاف ڪارروائي ڪريو“، محمد بن سلمان جون ٽرمپ کي فونون، آمريڪي صدر جو کتو جواب
You might also like