مرتضيٰ وهاب جو جماعت اسلامي کي قانون جي دائري ۾ رهڻ جو پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تشدد واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر مان هاڻي ”ڊالا ڪلچر“ ختم ٿيڻ گهرجي.
مزارِ قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته عوام جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ماڻهن کي تڪليف ۾ وجهڻ درست عمل ناهي، جماعت اسلامي کي پيٽروليم ليوي خلاف احتجاج ضرور ڪرڻ گهرجي، پر قانون جي دائري ۾ رهي ڪري ۽ عوام لاءِ تڪليف جو سبب نه بڻجي.
ڪراچي يونيورسٽي جي استاد عارف ساقي تي تشدد واري واقعي بابت سوال تي ميئر ڪراچي چيو ته وڏن جو احترام اسان سڀني تي لازم آهي، استادن جو احترام ته خاص طور تي ضروري آهي.
هن چيو ته اهو هڪ افسوسناڪ واقعو هو ۽ واقعي جو ڪيس پڻ داخل ٿي چڪو آهي.
مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته شهر مان هاڻي اهو ”ڊالا ڪلچر“ ختم ٿيڻ گهرجي، اسان سڀني کي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته قانون جو ساٿ ڏيون.
هن چيو ته ”مان آيو آهيان، وڏو وزير به آيو، ڪنهن وٽ به ڊالو نه هو، پر هر ماڻهو پنهنجا گارڊ وٺي گهمي رهيو آهي، ان ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو.“

You might also like