ڪنڌڪوٽ ۾ تيز رفتار گاڏي اونڌي، ڇهه ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي

ڪنڌڪوٽ ۾ ڊيرا سرڪي وٽ تيز رفتار گاڏي اونڌي ٿي پئي، حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته زخمين کي ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ ٺل منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سخت زخمين کي سکر منتقل ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوچ کي حادثو انڊس هاءِ وي تي سوڪڙ موڙ وٽ پيش آيو.

You might also like