اي آءِ انسانيت جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندي؟ ماهرن امڪاني خطري بابت آگاهه ڪري ڇڏيو

هٿرادو ڏهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) طرفان سموري انسانيت کي ختم ڪرڻ جو 10 سيڪڙو امڪان موجود آهي.
هي بيان اي آءِ ٽيڪنالاجي ڪمپني اينٿروپڪ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سيفٽي محقق ان وقت ڏنو، جڏهن ساڳئي ڪمپني جي هڪ ٻئي عهديدار انهن خدشن سبب ڪمپني ڇڏي ڏني ته اي آءِ ليبز اسان جي زندگين سان کيڏي رهيون آهن.
اينٿروپڪ جي محقق جيڪب ڪوسن چيو آهي ته هو ڪمپني ڇڏي رهيو آهي.
هن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ”ڪمپنين وچ ۾ پاڻ کي بهتر بڻائيندڙ سپر انٽيليجنس سسٽمز تيار ڪرڻ جي ڊوڙ هلي رهي آهي ۽ اسان جي زندگين سان کيڏيو پيو وڃي.“
پاڻ کي بهتر بڻائيندڙ سسٽمز مان مراد اهڙا اي آءِ سسٽمز آهن، جيڪي ڪنهن انساني مداخلت کانسواءِ پنهنجي صلاحيتن کي بهتر بڻائي سگهن ٿا.
هن وقت اهڙا سسٽمز موجود ناهن، پر اي آءِ ڪمپنين طرفان ان حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي.
جيڪب ڪوسن چيو ته ”هن ٽيڪنالاجي جي طاقت کي نظرانداز نه ڪريو، اها پاڻ کي اهڙن طاقتور سسٽمز ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي، جيڪي ڪنهن به شيءِ کي هيڪ ڪري سگهن ٿا، ڪنهن به شعبي ۾ راتون رات انقلابي تبديلي آڻي سگهن ٿا، جڏهن ته اختيار ۽ وسيلا به حاصل ڪري سگهن ٿا، اسان سڀ هن اڳڀرائي کي ڏسي رهيا آهيون ۽ هن اڳڀرائي جي رفتار سست نه ٿي رهي آهي.“
هن چيو ته ماڻهو ان يقين سان اي آءِ سسٽمز تيار ڪري رهيا آهن، جيڪي هن ڏهاڪي جي پڄاڻي تائين اسان سڀني کي مارڻ جي صلاحيت رکي سگهن ٿا.
هن بيان تي اينٿروپڪ جي سائنسي ٽيم جي سربراهه ايون هيوبينگر ردعمل ظاهر ڪندي نه رڳو جيڪب ڪوسن کي درست قرار ڏنو، پر اهو به چيو ته ڪمپني وٽ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو منصوبو موجود ناهي.
هن چيو ته ”جيڪب درست آهي، اسان سڀني جو خيال آهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي انسانيت جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ اهڙو 10 سيڪڙو امڪان آهي ته هڪ ڏهاڪي اندر ائين ٿي سگهي ٿو. “
هن چيو ته ”منهنجو اهو به خيال آهي ته اينٿروپڪ طرفان بهترين ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اسان وٽ سپر انٽيليجنس سان لاڳاپيل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو منصوبو ناهي.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته موجوده اي آءِ ماڊلز مان موجود خطرو تمام گهٽ آهي ۽ اسان سپر انٽيليجنس سسٽمز جي اڀرڻ بابت فڪرمند آهيون، جن ڏانهن اڳڀرائي اميدن کان وڌيڪ تيزيءَ سان ٿي رهي آهي.
اينٿروپڪ طرفان هن حوالي سان ڪو بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.

You might also like