سنڌ ماءُ آهي، وڪيل قوم سان گڏ روڊن تي هوندا“، هاءِ ڪورٽ بار جو عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اياز تنيو چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪو به زبردستي فيصلو مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
هن چيو ته سنڌ جا وڪيل ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏيندا، جڏهن ته وڪيل برادري سنڌ جي عوام سان گڏ هر فورم تي آواز اٿاريندي.
اياز تنيو چيو ته ”سنڌ اسان جي ماءُ آهي، وڪيل برادري سنڌ جي ماڻهن سان گڏ روڊن تي هوندي.“
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد پاران سنڌ جي امڪاني ورهاڱي ۽ سيپريشن خلاف سڀاڻي باضابطا طور عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.

You might also like