ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 62 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 857 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 96 هزار 207 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 10 ڊالر لاٿ سان 4 هزار 396 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
You might also like