اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سرفراز ڊوگر پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 27 سيپٽمبر واري احتجاج کي آئيني بحران سان تشبيهه ڏئي ڇڏي.
پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت درخواست تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
چيف جسٽس معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي پڻ نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
عدالت اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ آءِ جي کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ جي 27 سيپٽمبر واري احتجاج تي عدالت جو سخت نوٽيس، چئني صوبن جا آءِ جيز ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز طلب
You might also like