ملير جي باغن، ندين ۽ قدرتي حسن جي تباهيءَ وارو الميو

ممتاز شيخ

ملير کي بچائڻ بدران کيس مسلسل تباهيءَ ڏانهن ڇو ڌڪيو پيو وڃي؟ هتان جا رهاڪو اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته آخر ملير ۾ آهي ڇا؟ جڏهن ته ان جو جواب سادو به آهي ۽ تمام گهرو پڻ؛ ملير رڳو زمين جو هڪ ٽڪرو ناهي، پر ڪراچي جي قدرتي ماحول، سرسبزي ۽ ماحولياتي توازن جو بنيادي حصو رهيو آهي. ملير صدين کان پنهنجي قدرتي سرسبزي، باغن، وڻن، ندين، نالن، سبزين، ميون، چرندن ۽ پکين جي ڪري سڃاتو ويندو رهيو آهي. هتي جا باغ ۽ زرعي زمينون نه رڳو مقامي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهن، پر ڪراچي جي آب هوا کي بهتر رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ملير جي ماحولياتي سِسٽم ۾ باغ، وڻ، زرعي زمينون، نديون ۽ پاڻيءَ جا قدرتي وهڪرا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. جڏهن اهي علائقا تباهه ٿين ٿا ته ان جو منفي اثر رڳو ملير تائين محدود نٿو رهي، پر سڄي ڪراچي جي ماحول تي پوي ٿو. هڪ وقت هو جڏهن ملير حب واري پاسي کان ابراهيم حيدري تائين باغن ۽ زرعي زمينن سان مالامال هو، پر هاڻي انهن قدرتي وسيلن جي جاءِ تي آباديون، روڊ، وڏا تعميراتي منصوبا ۽ تجارتي سرگرميون وڌنديون پيون وڃن.

مقامي رهواسين ۽ ماحولياتي حلقن طرفان ريتي ۽ بجري جي غيرقانوني کوٽائي ۽ قدرتي وسيلن جي بيجا استعمال تي سخت خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. الزام اهو به لڳايو وڃي ٿو ته بااثر ڌرين جي مفادن سبب ملير جي زرعي زمينن ۽ ندين کي تباهه ڪيو پيو وڃي. ان کان سواءِ ندين ۽ قدرتي پاڻيءَ جي وهڪرن تي اڏاوتون ۽ قبضا هڪ سنگين معاملو آهن، ڇاڪاڻ ته اهي رڪاوٽون مستقبل ۾ شهري ٻوڏ ۽ وڏي ماحولياتي بحران کي جنم ڏئي سگهن ٿيون. درساڻو ڇنو ۽ ملير جي ٻين علائقن مان اهو سوال زور وٺي رهيو آهي ته جيڪڏهن زرعي زمينون ۽ باغ ائين ئي ختم ٿيندا ويا ته ڪراچي جي ماحول جو انجام ڇا ٿيندو؟ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته باغن کي ختم ڪري نوان منصوبا آڻڻ کان اڳ ماحولياتي اثرن جو مڪمل جائزو ورتو وڃي. خاص طور تي ايجوڪيشن سٽي جي نالي سان زمين جي استعمال ۽ صنعتي سرگرمين بابت مقامي سطح تي خدشا موجود آهن. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته اهي واضح ڪن ته انهن منصوبن لاءِ ڪهڙي زمين مختص ڪئي وئي آهي، ان جي قانوني حيثيت ڇا آهي ۽ مقامي آبادين تي ان جا ڪهڙا اثر پوندا. ترقي يقيناً ضروري آهي، پر اهڙي ترقي جيڪا قدرتي ماحول ۽ باغن کي هميشه لاءِ ميساري ڇڏي، اها ترقي نه پر تباهي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به وڏي شهر لاءِ وڻ، زرعي زمينون ۽ برساتي پاڻيءَ جا قدرتي وهڪرا حياتياتي اهميت رکن ٿا. ڪراچي اڳ ئي هوا جي گدلاڻ، گرمي، ٽريفڪ ۽ وڌندڙ آباديءَ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ملير جا باقي بچيل باغ به ختم ٿي ويا، ته  اهو  انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيندو

ملير کي رڳو زمين جي قيمت ۽ ڪمرشل فائدن جي نظر سان نه ڏٺو وڃي، پر ان کي ڪراچي جو تاريخي ۽ ماحولياتي ورثو سمجهيو وڃي. سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا، ماحولياتي تحفظ جي ادارن ۽ لاڳاپيل کاتن جو فرض آهي ته اهي ملير جي قدرتي علائقن، ندين ۽ زرعي زمينن جو شفاف سروي ڪرائين، غيرقانوني کوٽائي ۽ قبضن جي جاچ ڪرائين ۽ ماحولياتي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ واضح پاليسي جوڙين. ملير ختم ٿيندو ته ڪراچي جو قدرتي توازن به هميشه لاءِ تباهه ٿي ويندو. تنهن ڪري، اڄ جو اصل سوال اهو ناهي ته ”ملير ۾ ڇا آهي؟“ پر اصل سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ملير ۾ ڪجهه به نه بچيو، ته پوءِ ڪراچي وٽ آخر ڇا بچندو؟

You might also like