سنڌ جي سياست هن وقت هڪ اهڙي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي هڪ بيان کان شروع ٿيل بحث هاڻي سنڌ اسيمبلي جي ايوانن تائين پهچي چڪو آهي. اصل سوال اهو آهي ته پيپلز پارٽي هن معاملي کي رڳو اسيمبليءَ جي ٺهرائن تائين محدود رکندي يا ان کي عوامي ۽ سياسي تحريڪ جي شڪل ۾ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ تائين کڻي ويندي؟ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي تازين سرگرمين مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي وحدت بابت پارٽي جو موقف هاڻي نرم لفظن بدران وڌيڪ واضح ۽ سخت انداز اختيار ڪري رهيو آهي.
هن سڄي صورتحال ۾ فريال ٽالپر جي سياسي سرگرمي خاص ڌيان جوڳي بڻجي وئي آهي. ٽالپر خاندان جو نالو سنڌ جي سياست ۾ ڪو اوپرو ناهي، سندس تعلق سنڌ جي ان تاريخ سان جڙيل آهي جڏهن اقتدار جو فيصلو چونڊ مهمن بدران قبائلي طاقت، لشڪر، زمين ۽ سياسي اتحادن ذريعي ٿيندو هو. ارڙهين صديءَ ۾ ٽالپر سردارن ڪلهوڙن جي اقتدار خلاف طاقت وڌائي ۽ 1783ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي دور ۾ سنڌ جي حڪمراني سندن هٿن ۾ آئي. تاريخ هميشه هڪجهڙي ناهي رهندي ۽ 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي خلاف ٽالپر حڪمرانن مياڻي ۽ دٻي جي ميدانن ۾ زبردست مزاحمت ڪئي، جيتوڻيڪ جديد هٿيارن ۽ منظم فوج جي برتري سبب برطانوي حڪمراني قائم ٿي وئي.
اڄ ان دور جون تلوارون ۽ لشڪر موجود ناهن، بلڪه سياسي مقابلي جا اوزار مڪمل تبديل ٿي چڪا آهن. هاڻي طاقت جو اظهار ووٽ، پارليامينٽ، آئين، عوامي جلسن ۽ سياست ذريعي ٿئي ٿو، تنهن ڪري فريال ٽالپر جو موجوده سياسي ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو واضح موقف آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بابت ڪو به اهڙو فيصلو قبول نه ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ جي قيادت ۽ عوام کي اعتماد ۾ نه ورتو وڃي. آصف علي زرداري جي حڪمت عملي ۾ ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ جو انداز ضرور آهي، پر سنڌ مان ايندڙ ردعمل اڳ کان وڌيڪ سخت محسوس ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت واري معاملي تي باقاعده عوامي تحريڪ شروع ڪري ٿي، ته ان جي اڳواڻي ڪير ڪندو؟ بلاول ڀٽو زرداري جو سياسي دائرو سڄو پاڪستان آهي ۽ آصف علي زرداري صدر جي آئيني عهدي تي فائز آهن، تنهنڪري سنڌ اندر پارٽي مشينري کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ فريال ٽالپر هڪ موزون سياسي ڪردار بڻجي سگهي ٿي. هتي اهو سوال به اهم آهي ته ڇا تحريڪ سان گڏ سنڌ حڪومت جي قيادت ۾ به تبديلي ايندي؟ مراد علي شاهه ڊگهي عرصي کان سنڌ حڪومت هلائي رهيا آهن ۽ پارٽي جو مڪمل اعتماد رکن ٿا، پر جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪا تبديلي آئي ته اها ڪنهن وڏي سياسي حڪمت عملي جو حصو هوندي.
جيڪڏهن فريال ٽالپر سنڌ جي حڪومت يا سياسي تحريڪ جون واڳون سنڀالي ٿي، ته حڪومت جي هر ڪاميابي ۽ ناڪامي سڌي طرح زرداري خاندان جي سياسي حساب ۾ شامل ٿيندي. تاريخ جو دلچسپ پهلو اهو آهي ته هڪ دور ۾ ٽالپرن جي اقتدار جو فيصلو جنگ جي ميدان ۾ ٿيو هو، پر اڄ جي دور ۾ سياسي فتح لاءِ تلوار نه پر عوامي اعتماد، ووٽ ۽ مؤثر حڪمت عملي گهربل آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن واضح ٿي ويندو ته سنڌ جي سياسي هوا ڪهڙا طرف وڃي رهي آهي.