لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز دهشتگردي کي صوبي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب کي پاڙيسري ملڪ کان نه پر ٻين صوبن مان ايندڙ دهشتگردي کان خطرو آهي، صوبي جي امن امان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
لاهور ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس هب جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته صوبي جو عوام الله تعاليٰ کان پوءِ هن ڏانهن واجهائي ٿو، سڪيورٽي ٿريٽ سبب پنجاب جي سڪيورٽي تي اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون.
مريم نواز چيو ته مون کي پاڙيسري ملڪن کان گهٽ، پاڙيسري صوبن کان وڌيڪ خطرو آهي، ڪچي جو علائقو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏوهن جو ڳڙهه بڻيل هو، فوج ۽ سنڌ حڪومت جي مدد سان ڪچي واري علائقي ۾ حالتون ڪنٽرول هيٺ آهن.
هن چيو ته صوبي جي بارڊر ايريا مان ٿريٽس اچن ٿا، جن جي خاتمي لاءِ هاڻي جوائنٽ چيڪ پوسٽن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي، جڏهن ته انٽيليجنس هب سڪيورٽي ادارن وچ ۾ رابطي ۽ سهڪار جو اهم مرڪز هوندو.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ڏوهن جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ منظم ڏوهن کي منهن ڏيڻ وڏو چئلينج هو. پنجاب ۾ ڏينهن ڏٺي جو پنج پنج قتل ڪيا ويندا هئا، جڏهن ته ٻارن سان زيادتي جا واقعا انتهائي اذيتناڪ آهن.
مريم نواز صوبي ۾ ڪرپشن خلاف بنا فرق ڪارروائي کان خبردار ڪندي پنجاب ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪرپشن گهٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته بدقسمتي سان لڳي ٿو ته قوم جي حيثيت سان ڪرپشن اسان ۾ گهڙي چڪي آهي، ڪرپشن کي برائي نه پر معمول جو حصو سمجهيو وڃي ٿو، جتي به ڪرپشن ٿيندي، اتي ڪا به معافي نه ڏني ويندي.
پنجاب کي پاڙيسري ملڪ کان نه پاڙيسري صوبن مان ايندڙ دهشتگردن کان خطرو آهي: مريم نواز
You might also like