نوابشاهه(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته عوام جي ووٽن سان ايندڙ ئي حقيقي اڳواڻ هوندا آهن، چور دروازن مان اقتدار ۾ ايندڙ اڳواڻ نه پر گدڙ هوندا آهن.
نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ جي اسٽريٽ موومينٽ جي جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته نوابشاهه جي غيرتمند عوام جي جوش ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريان ٿو، نوابشاهه جي باشعور عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هي شهر پي ٽي آءِ باني عمران خان جو آهي، هاڻي زرداري ته ويو.
هن چيو ته مان وچولي طبقي سان تعلق رکان ٿو، رڪشائن تي سفر ڪري اڄ هن مقام تائين پهتو آهيان.
سهيل آفريدي چيو ته عمران خان پنهنجي لاءِ نه، پر قوم جي ٻارن جي مستقبل خاطر قيد ڪاٽي رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان ئي پاڪستان جو واحد ۽ حقيقي طور بي ڊپو ۽ بهادر اڳواڻ آهي، سندس دور حڪومت ۾ ملڪ جو قرض 43 هزار ارب رپيا هو، جيڪو هاڻي 97 هزار ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عدالتن جي واضح حڪمن باوجود حڪومت عمران خان کي اسپتال منتقل نه ڪري رهي آهي، اسان سندس آزادي ۽ انصاف لاءِ 27 سيپٽمبر تي روڊن تي نڪرنداسين.